عوامي تحريڪ پاران بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف مظاھرو
ملير:ڪراچي ٻهراڙين کي بنيادي سهولتون نه ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ ڪراچي طرفان ڪالهه بن قاسم تعلقي جي وڏي آبادي پپري جي مکيا چوڪ وٽان احتجاجي مظاهرو ڪڍي مختلف بازارن جو گشت ڪرڻ بعد قومي شاهراهه تائين پنڌ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ مظهر راهوجو، مريم گوپانگ، خالد تنيو، زاهده نواز سومرو، تبسم ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيل ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ پپري، گهگهر، يوسف ڳوٺ، عمر ماروي ڳوٺ، ڀينس ڪالوني ۽ ٻين علائقن مان سنڌي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جيڪي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ ۾ ڪرپشن ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند ڳوٺن کي ليز ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتون نه ڏيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. احتجاجي ميڙاڪي ۾ شريڪ ماڻهن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي مظهر راهوجو چيو ته ڪراچي جون قديم سنڌي وسنديون ملڪ جي 65 سالن جي تاريخ ۾ اڄ به بنيادي سهولتن ۽ حقن کان محروم آهن کين پيپلز پارٽي کي هر ڀيري ڪامياب ڪري اقتدار تي ويهارڻ جي سزا ڏئي پئي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوام سان دوکو ڪري ڪيل واعدا پورا ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪري عوام کي حق ڏيڻ کان نابري واريو بيٺا آهن. هن چيو ته عوامي تحريڪ سڄي ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ بنيادي سهولتن جي حاصلات لاءِ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. ان موقعي تي شاهنواز سومرو، عبدالله ٻپڙ، شان گوپانگ، خليل تنيو، ناهيد جوڳي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.