ٽنڊو محمد خان

علي احمد لنڊ جي خدمتن عيوض مڃتا طور سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو

رپورٽ: فهيم ڀٽي ، ٽنڊو محمد خان
TM Ali Ahmed Lundٽنڊو محمد خان جي سول سوسائٽي ۽ عوامي ادبي فورم ٽنڊو محمد خان جي اڳوڻي ڊي سي او ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ جي خدمتن عيوض مڃتا طور سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي علي احمد لنڊ چيو ته منهنجو تعلق بنيادي طور غريب گهراڻي سان هو، ان ڪري مون کي غريبن جي تڪليفن جو دلي طرح احساس آهي ۽ آئون ان ڳالهه کان چڱي طرح واقف آهيان ته غربت واري زندگي ڪيئن گذاربي آهي هن چيو ته پيرن اگهاڙن ۽ مسڪين ماڻهن جي دلين ۾ خدا رهي ٿو ۽ انهن جون دليون خوش ڪرڻ سان خدا جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي جنهن سان مون کي روحاني سڪون ملندو آهي هن چيو ته مون ڪو به اهڙو وڏو ڪم نه ڪيو آهي جنهن سبب منهنجي مان ۾ آجياڻا ڏنا وڃن پر ايترو ضرور آهي ته پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي پنهنجي ضمير موجب ڪئي، هن انڪشاف ڪيو ته دريائي ٻوڏ دوران ڪجهه وزيرن جو خيال هو ته شاهه ڪريم ۽ بٺوري کان ڪٽ هڻي پاڻي جو دٻاءُ گهٽرائجي جيئن بدين ۽ ٺٽي کي بچائي سگهجي پر مون ائين ڪرڻ نه ڏنو ۽ بغير ڪنهن وزير ۽ ڪاموري کان پڇڻ جي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي فوج کي طلب ڪيو ۽ بندن تي فوج کي نگراني لاءِ مقرر ڪري ڇڏيوسين جنهن سان انهن ماڻهن جا خواب مٽي ۾ ملي ويا ۽ اسان پنهنجي سچي ضلعي جي حفاظت ڪئيسين، تقريب کي خطاب ڪندي پ پ جي ضلعي صدر حاجي امين لاکو چيو ته علي احمد لنڊ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ماڻهن سان محبت ڪئي ۽ هن سپاهي ٿي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني، اهڙا آفيسر سالن کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، تقريب کي خطاب ڪندي سيد اعجاز شاهه بخاري چيو ته علي احمد لنڊ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي 300 کان مٿي بيروزگار نوجوانن کي لوڪل گورنيمٽ ۾ نوڪريون ڏيئي روزگار فراهم ڪيو سندس خدمتون وساري نه سگهبيون، تقريب جي ميزبان ڊاڪٽرعزيز ٽالپر چيو ته علي احمد لنڊ جهڙا گهٽ سنڌي آفيسر ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪن ۽ سندن حقن لاءِ رسڪ کڻي به ويڙهه ڪن اهڙا آفيسر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، هن چيو ته علي احمد لنڊ ٽنڊو محمد خان جي مٽي مان پيدا ٿيل آهي ۽ هن کي ان مٽي جي خوشبوءُ خدمت لاءِ جاڳايو ۽ هن پنهنجي دور ۾ جتي به رهيو ٽنڊو محمد خان کي نه وساريو، هو ٽنڊو محمد خان جي سرحدن جو محافظ ٿي رهيو ۽ ڪوڙن ڊوميسائيلن تي سخت قدم کڻي ٽنڊو محمد خان جي شاگردن کي مهراڻ ، لمس ۽ ٻين ادارن ۾ پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۾ اڳڀرو رهيو ۽ اهي شاگرد کيس اڄ به دعائون ڏيئي رهيا آهن ۽ اسان سڀني کي سندس نقشقدم تي هلندي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ کپي، تقريب کي علي اڪبر خاصخيلي، ڊاڪٽر جي ايم گل، ڊي ايڇ او هيلٿ ڊاڪٽر نثار ميمڻ ، ڊي او سوشل ويلفيئر منير احمد ڀٽي، تاج ٽکڙائي، مشڪور ڦلڪارو، پير بخش جماري، رمضان شورو، اعظم ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾ استاد خدا بخش ڪڇي ، ارباب کوسو، نانگا فقير ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button