مختصر خبرون

علاج بجاءِ ڊاڪٽر اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، ضعيف عورت جي دانھن

ڪنڊيارو جي نئين بکري پاڙي جي رهواسڻ 70 ورهيه ضعيف بيوهه عورت مسمات آست ملاح پريس ڪلب ڪنڊيارو ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته هوءَ بيوهه ۽ غريب عورت آهي جنهن کي ڪيتريون ئي بيماريون آهن جنهن جي علاج لاءِ اڄ جڏهن ِ سخت تڪليف واري حالت ۾ هوءَ تعلقه اسپتال ڪنڊيارو پهتي ته اتي مقرر بيرحم ڊاڪٽر اصغر شيخ سندس علاج ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس تپاسڻ يا سمجهائڻ بجاءِ کيس گٿا لفظ ڳالهائي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،جڏهن ته سخت تڪليف سبب هن پاران ڊاڪٽر کي منٿون ايلاز پڻ ڪيا ويا مگر ڊاڪٽر سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ هوءَ تڙپندڙ حالت ۾ روئندي رهي پر تنهن هوندي به بي رحم ڊاڪٽر کي مٿس ڪا به ڪهل نه آئي،هن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽر کيس ان دوران ٿڏا پڻ هنيا جنهن جي نتيجي ۾ سندس تڪليف ۾ ويتر اضافو اچي ويو آهي جنهن بعد مقامي ماڻهن مونکي کڻائي هڪ خانگي اسپتال ۾ پهچايو. هن صحت کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا اهڙي وحشي صفت ڊاڪٽر خلاف پاڪ ڪتاب تي اڻڌري جاچ ڪندي سندس خلاف سخت محڪماتي ڪاروائي ڪئي وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button