مختصر خبرون

عطا حسين چانڊيو سچوا ضلعي خيرپور جو صدر چونڊجي ويو

خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) سچوا جي اليڪشن ناليوارو قانوندان عطا حسين چانڊيو خيرپور ضلعي جو صدر چونڊجي ويو تفصيل موجب آچر جي ڏينهن سچوا ضلعي خيرپور جي اليڪشن سچوا سنڌ جي نائب صدر رجب خان چانڊيو جي اڳواڻي هيٺ ٿي جنهن ۾ ضلعي جو صدر ناليوارو قانوندان عطا حسين چانڊيو، نائب صدر غلام قادر چانڊيو، جنرل سيڪريٽري عزيز چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري محمد ايوب چانڊيو، پريس سيڪريٽري امام بخش چانڊيو، خزانچي در محمد چانڊيو، آفيس سيڪريٽري رئيس بگن خان چانڊيو، اطلاعات سيڪريٽري امتياز چانڊيو چونڊجي ويا نئين باڊي کي خطاب ڪندي ناليواري قانوندان عطا حسين چانڊيو چيو ته سچوا چانڊيه برادري جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ ڪندي. سچوا تنظيم پنهنجي قوم ٻين قومن سان ويڙهائڻ جي لاءِ نه ٺاهي وئي آهي پر سچوا امن جو جھنڊو کڻي گهر گهر ويندي اسان چانڊيه هجڻ کان اڳ ۾ سنڌي آهيون سنڌ ۾ رهون ٿا سنڌ جي خطي ۾ رهڻ واري هر ماڻهوءَ سان محبت ۽ پيار ڪريون ٿا ان موقعي تي غلام قادر چانڊيو، عزيز چانڊيو، رئيس رستم خان چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button