مختصر خبرون

عطائي ڊاڪٽر جي غفلت، نينگر اجل راھي

اياز عباسي، ڪنڊيارو
ڪنڊيارو شهر جي شاهه لطيف ڪالوني جو 7 ورهيه نينگر عدنان جهانگير شاهه کي پيٽ ۾ سور پوڻ سبب هڪ عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي آندو ويو جتي مذڪوره عطائي ڊاڪٽر پاران ڊرپ چاڙهڻ جي ٿوري ئي دير ۾ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ ان کي هڪ خانگي ميڊيڪل سينٽر تي نيو ويو پر حياتيءَ سندس ساٿ نه ڏنو ۽ ان جو دم پرواز ڪري ويو،جنهن جو اطلاع ملندي ئي علائقي ۾ سخت غم ۽ غصي جي لهر ڇائنجي وئي،فوتي نينگر شهر ۾ ڪيترن ئي سالن کان موٽرسائيڪل ۽ ڪار اسڪيم هلائيندڙ بخاري آٽوز جي مالڪ جهانگير شاهه جو اڪيلو پٽ هو،جيڪو پنهنجي لخت جگر جي فوتگي جي خبر ٻڌندي ئي پنهنجو هوش وڃائي ويٺو ۽ اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي مذڪوره خانگي ڪلينڪ تي پهتو ۽ سوين شهرين جي مدد سان مذڪوره خانگي ڪلينڪ کي بند ڪرائي ڇڏي هوڏانهن مذڪوره عطائي ڊاڪٽر ڪنڊيارو جي اڳوڻي تعلقه ناظم سيد سرفراز حسين شاهه کي وٺي جهانگير شاهه جي تڏي تي پهچي ساڻس صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن انوکو مطالبو ڪندي ساڻس صلح ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو،مذڪوره فوتي نينگر جي پيءُ صحافين سان ڳالهائيندي ساڳيو انوکو مطالبو دهرائيندي چيو ته جيستائين سندس پڻ جي حياتي کسيندڙ ۽ ان جهڙا ٻيا عطائي ڊاڪٽر ڪنڊيارو ۾ پنهنجون غيرقانوني ڪلينڪون بند نه ڪندا تيستائين هو پنهنجي پٽ کي دفن نه ڪندو ۽ ان جو لاش ۽ پاڪ ڪتاب کڻي انهن عطائي ڪلينڪن اڳيان انهن جي بند ٿيڻ تائين ڌرڻو هڻي ويهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button