خيرپور

عام واھپي جي شين جي قيمتن جي مقرري لاءِ ڊي سي گڏجاڻي ڪئي

DC Price Control Meetingخيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي اندر عام واهپي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جي مقرري جي حوالي سان درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾گڏجاڻي ٿي گُذري. جنهن ۾ مختلف تعلقن جي روينيو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعلقي مختيارڪارن، انجمنِ تاجران، مارڪيٽ ڪاميٽي جي نمائندن، پوليس، خوراڪ ۽ ٻين مختلف لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڊي سي خيرپور چيو ته هرسال جيئان رمضان المبارڪ مهيني ۾ عام واهپي جي شين سستا اگهه مقرر ڪري عوام کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچايو ويندو جڏهن ته عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتن جي فراهمي لاءِ ضلعي انتظاميه وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته سنڌ حڪومت پاران روينيو عملدارن کي مختلف شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان فرسٽ ڪلاس مئجسٽريسي اختيارن جي نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ مختلف شين جي اگهن تي ظابطي آڻڻ ۽ زرعي دعوانن جي اگهن تي پڻ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي جي مختلف تعلقن جي روينيو اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ تعلقي مختيارڪارن کي پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن مختلف لاڳاپيل کاتن جي عملدارن جي صلاح مشوري سان مختلف شين جا گهه مقرر ڪيا جنهن ۾ دال مسور نمبر ون 85 روپيه في ڪلو ، دال مسور نمبر ٽو 75 روپيه في ڪلو ، دال مُنڱ ڌوتل (واشڊ) 115 روپيه في ڪلو، دال منڱ اڻ ڌوتل (ان واشڊ) 110 روپيه ڪلو، دال ماش ڌوتل 100 روپيه ڪلو، دال چڻا نمبر ون 100 روپيه ڪلو، دال چڻا نمبر ٽو 95 روپيه ڪلو، دال چڻا امپورٽيڊ (ڪئناڊا) 55 روپيه ڪلو، دال مٽر 65 روپيه ڪلو، بيسن گريڊ ون 100 روپيه ڪلو، بيسن گريڊ ٽو 55 روپيه ڪلو، چڻا (انڊين) 145 روپيه ڪلو، چڻا وائيٽ 90 روپيه ڪلو، چانور باسمپتي ڪرنل 95 روپيه في ڪلو، چانور باسمپتي سپري ون 65 روپيه ڪلو، چانور باسمپتي سپري ٽو 50 روپيه في ڪلو، چانور ٽوٽا سپري 40 روپيه ڪلو، چانور ايري 35 روپيه، چانور ايري ٽوٽا 25 روپيه في ڪلو، اٽو 29 روپيه في ڪلو، ميدو 35 روپيه ڪلو، سوجي 35 روپيه ڪلو، کنڊ 52 روپيه ڪلو، گيهه گريڊ ون 160 روپيه ڪلو، ساوا مرچ ڊگها گريڊ ون 210 روپيه ڪلو، ساوا مرچ گول گريڊ ون 250 روپيه ڪلو، مرچ گريڊ ون 250 روپيه ڪلو، مرچ گريڊ ٽو 180 روپيه ڪلو، هيڊ 240 روپيه ڪلو، زيرا 20 روپيه 50 گرام (آنو) ڪارا مرچ 35 روپيه 50 گرام، وڏا ڦوٽا 80 روپيه 50 گرام، ننڍا ڦوٽا 70 روپيه 50 گرام، لونگ 80 روپيه 50 گرام، دال چيني 15 روپيه 50 گرام، وڏو گوشت 220 روپيه في ڪلو، ننڍو گوشت ( ڇيلو) 400 روپيه في ڪلو، گوشت (ٻڪري ۽ رڍ) 350 روپيه ڪلو، مڇي ڏمڀرو ٻن ڪلن واري يا ن کان مٿي 280 روپيه في ڪلو، مڇي ڏمڀرو هڪ کان ٻه ڪلو واري 260 روپيه ڪلو، مڇي اڌڪلو کان هڪ ڪلو تائين 180 روپيه في ڪلو، ننڍي مڇي 120 روپيه ڪلو، کير في ڪلو 70 روپيه خيرپور شهر، شهر کان ٻاهر کير 60 روپيه في ڪلو، ڏهي 70 روپيه في ڪلو، برف وڏي ڪين 100 ڪلو گرام واري 300 روپيه، برف 7 روپيه في ڪلو مقرر ڪيا ويا. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلعي مختلف روينيو آفيسرن، مارڪيٽ ڪاميٽي جي نمائندن، پوليس عملدارن ۽ تعلقي مختيارڪارن کي پنهنجي لاڳاپيل تعلقن جي مختلف علائقن جي مارڪيٽن ۾ عام واهپي جي شين تي مقرر ڪيل اگهن تي عمل ڪرائڻ جي ۽ جڏهن ته مقرر اگهن تي عمل نه ڪندڙن کي چالان ڪري کين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ جا حُڪم جاري ڪيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button