لاڙڪاڻو

صحافي ھميشھ حق سچ جي ڳالھھ ڪندا آھن، اڪبر حسين راشدي

لاڙڪاڻو( رپورٽ: بختيار بگٽي)پاڪستان فمشنل مسلم ليگ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدراڪبر حسين راشديءَ چيوآھي تھ صحافي ھميشھ حق سچ جي ڳالھھ ڪندا آھن ۽ غريب لاچارن جي آواز کي اعوانن تائين پھچائيندا آھن صحافي سول سوسائٽي تي روشني وجھندا آھن اھا ڳالھھ ڪالھھ ھن لاڙڪاڻو ميڊيا فورم جي آفيس دوري دوران ڳالھائيندي ڪئي ھن چيو تھ اسان جو رھنماءُ پير سائين پاڳارا آھن مان انھن جي پيروي ۽ حڪم تحت ڪم ڪري رھيو آھيان ماڻھو اُھا پارٽي ڳولھي جيڪا عوامي خدمتن تي يقين رکندي ھجي ۽ اسان جا ھٿ ھميشھ صاف رھيا آھن ھن وڌيڪ چيوتھ اسان ھميشھ غريبن ۽ بي سھارا ماڻھن جي مدد ڪئي آھي. ۽ ھر ڳوٺ کي ۽ اتان جي ماڻھن کي ترقي وٺرائي آھي جتي ڪچا رستا ھئا اتي پڪا روڊ ٺھرايا آھن lrk sayed akbar shah rashdiھن چيو تھ اسان جو مقصد غرب عوام جي خدمت ڪرڻ آھي ان موقعي تي ميڊيا فورم جي سرپرست اعلي ۽ سينيئر صحافي سيد مھدي شاھھ مھمانن سائين اڪبر حسين شاھھ راشديءَ کي سنڌي ٽوپي۽ اجرڪ پھرايو ان موقعي تي لاڙڪاڻو ميڊيا فورم جي صدر سعيد احمد سلطاني آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ان دوران ھن پنھنجي خطاب ۾ چيوتھ صحافي ڪنھن ھڪ فرد جو نھ ھوندو آھي پر ھو ھر طبقي لاءِ لکندو آھي ان موقعي تي ، جرنل سيڪريٽر جاويد فاضل نائچ ، سيد سفير شاھھ ، افسر کھاوڙ ، بختيار بگٽي ، علي محمد سرھيو ، بشير سيال ، ممتاز علي سومرو، ارشاد سومرو، ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button