آرٽيڪل

شهيد عوام ۽ سنڌ راڻيءَ جي وفادارن سان وفا ڪير ڪندو!؟

نواب ڪلهوڙو
Benazir Bhutto پي پي ملڪ جي اها جماعت آهي جيڪا هميشه ناانصافين خلاف جنگ لڙڻ جي دعويدار رهي آهي، جنهن جنگ ۾ هميشه اقتداري مزا ماڻيندڙن سان گڏ ڏتڙيل عوام جو تمام وڏو حصو رهيو آهي ۽ سندن هميشه اها دلي دعا ۽ آرزو رهي آهي ته هن جنگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سرخرو ٿئي.جتي نا انصافين جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف ته پيپلز پارٽي پنهنجي پليٽ فارم تان ظلم،جبر،ڏاڍ ۽ نا انصافين خلاف هلندڙ جنگ ۾ اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته وري ٻئي طرف خود پراون ۽ ڌارين بجاءِ پنهنجن ئي پراڻن ساٿين ۽ شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي وفادارن کي ئي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار بنايو پيو وڃي. شهيد راڻي جي شهيد ٿيڻ بعد پاڪستان ۽ خصوصن سنڌ جي ايم اين ايز،ايم پي ايز،ورڪرن،غريب ۽ بي پهچ عوام جي سار سنڀال لهڻ ۽ انهن کي گڏ کڻي هلڻ اقتداري مزا ماڻيندڙن جو اولين فرض هيو پر افسوس ته ان تي تر جيترو به عمل ڪرڻ بجاءِ محدود سوچ هجڻ جو مظاهرو ڪندي پارٽي ۾ موجود سيکڙاٽن تي مشتمل هڪ مخصوص ٽولي جي چوڻ ۾ اچي سچن،پراڻن،ايم اين ايز،ايم پي ايز ۽ ورڪرن کي پري رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجن ارادن ۾ ناڪام ٿيندا.
مفاهمتي سياست طور صدر پاڪستان جيڪو سڀني مايوس جماعتن کي گڏ ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪيو آهي اهو عمل يقينن ساراهه جوڳو آهي پر انهن پاران پي پي حڪومت خلاف شروع ڪيل اندروني سازشن تي ڪرڙي اک رکڻ جي پڻ اشد ضرورت آهي ۽ ضرورت آهي ته پارٽيءَ اندر موجود ماڻهن جي پرک ڪئي وڃي،جيڪي ماڻهو خود پي پي سان گڏ آهن،جن ماڻهن پنهنجيون عمريون پارٽيءَ کي ڏئي ڇڏيون آهن،جيڪي اڳواڻ شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي تمام ويجهو رهيا آهن اڄ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهن اڳواڻن کي دشمن سمجهي ڀت سان لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. انهن جو ڏوهه صرف اهو ٿو نظر اچي ته هو شهيد راڻيءَ سان ۽ ان جي فڪر سان سچا آهن،انهن اڳواڻن کي نظرانداز ڪري انهن جي حيثيت ۽ اهميت کي مسمار ڪيو ويو آهي جيڪو نه ٿيڻ گهربو هئو، اهي صاف ۽ شفاف اڳواڻ ۽ گهراڻا جن تي ڪڏهن به ڪو آڱر کڻي نه سگهيو آهي، ٿيڻ ته ائين کپندو هئو جو انهن جي سياسي بصيرت کي ڏسي ڪري انهن کي ملڪ جون اهم ۽ مکيه وزارتون ڏنيون وڃن هان انهن جي ايمانداري فرض شناسي کي نظر ۾ رکي ڪري پارٽيءَ جي ساک کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي هان پر ائين نه ڪيو ويو جنهن جي ڪري پارٽيءَ جي ساک کي وڏو نقصان پئجي رهيو آهي. وزيرن،مشيرن جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ ڪرپشن جي ڪري اڄ پارٽيءَ تي مخالف آڱر کڻي رهيا آهن پارٽيءَ جا گهڻ گهرا شايد اقتداري گهوڙي تي سوار هجڻ سبب انڌ جو شڪار آهن ۽ انهن کي شايد ان نقصان جو اندازو نه ٿي رهيو آهي پر اڃا به وقت نه ويو آهي انهن ماڻهن جي پرک ڪري پارٽيءَ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ سچن،کرن،ايماندار اڳواڻن مٿان شفقت جو هٿ رکي ورڪر لڏي ۽ عوام مان پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري سگهجي ٿي ته اهو عمل بهتر ٿيندو، انهن اڳواڻن جي هن وقت پارٽيءَ کي سخت ضرورت آهي ته جيئن اطلاعات جو وزير شرجيل انعام ميمڻ،سياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزيرن کي ٻيهر ساڳن عهدن تي بحال ڪيو ويو آهي ائين ئي محترمه ناهيد خان،اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي،اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ايم اين اي سيد ظفر علي شاهه،ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر،ايم اين اي نواب غني ٽالپر،اڳوڻو هوم منسٽر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر،ايم پي اي فصيح احمد شاهه ،ايم پي اي حاجي منور علي عباسي،ايم اين اي نبيل گبول سميت ٻيا ڪيترائي اڳواڻ آهن جن جي حيثيت ۽ اهميت کي نظرانداز ڪيو ويو انهن اڳواڻن مٿان اڃا به توجه نه ڏنو ويو ته پارٽيءَ کي مسقتبل ۾ وڏي نقصان رسڻ جو انديشو پڻ موجود آهي،انهن کي پڻ ٻيو نه سهي ته به گهڻ گهري رحمان ملڪ وانگر مشير وغيره ڪري هن سفر ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪجهه وزيرن ۽ صلاحڪارن جو مخصوص ٽولو جيڪو چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي تڪن ۾ مداخلت ڪري پي پي مخالفن جي مدد ڪرڻ ۾ مشغول آهن اهو مخصوص ٽولو هنن اڳواڻن کي پارٽيءَ کان ڌار ڪري ڀت سان لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي اهڙن روين جي نشاندهي ڪرڻ جي باوجود هنن وزيرن،مشيرن ۽ صلاحڪارن جي مداخلت کي نه روڪيو ويو آهي تڏهن ته هي اڳواڻ مجبور ٿي پارٽي پاليسين سان اختلاف راءِ رکندي پاسيرا ۽ مايوس بيٺل نظر اچي رهيا آهن هڪ طرف ته مفاهمتي پاليسي تحت ق ليگ،اي اين پي،ايم قيو ايم،جي يو آءِ سميت سمورن اتحادين جون ناجائز فرمائشون پوريون ڪيون ٿيون وڃن ته ٻئي طرف پارٽيءَ جي مکيه ۽ اهم ماڻهن جي راءِ جو احترام ڪرڻ بجاءِ کين نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. اوهان جو ڌيان ضلعي نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ خان بهادر الهندو شاهه جي خاندان سان تعلق رکندڙ گهراڻي ڏانهن ڇڪائڻ ضروري سمجهان ٿو .
سيد ظفر علي شاهه جيڪو قومي اسيمبلي ۾ سڀ کان سينيئر جي حيثيت رکندڙ پي پي اڳواڻ آهي ۽ پنهنجي ايمانداري،سچائي،فرض شناسيءَ جي ڪري ملڪ جي اهم ۽ مکيه عهدن تي رهي چڪو آهي سندس شمار نهايت لائق،ذهين ۽ ايماندار سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، اقتدار ۾ رهندي يا ان کان ٻاهر سندس شخصيت خلاف ڪڏهن به ڪو ڪرپشن يا بدعنوانيءَ جو ريفرنس نه کليو آهي، هيءَ اها شخصيت آهي جو جڏهن ضلعي نوشهري فيروز ۾ جيئي ڀٽو به چوڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو، پي پي سان لاڳاپيل آفيسرن،زميندارن ۽ ورڪرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن بدليون ۽ برطرفيون ڪيون ويون هيون، محترمه ان دور ۾ ملڪ کان ٻاهر هئي ان دور ۾ هتان جي ورڪرن جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪوبه نه هئو، ان دور ۾ به سيد ظفر علي شاهه پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجي روايتي حريف جتوئي صاحبن جا فارم رد ڪرائي ضلعي نوشهري فيروز ۾ پي پي جي جهنڊي کي سربلند ڪري ڏيکاريو،جڏهن ته سندس ننڍو ڀاءُ نيورو سرجري ۾ دنيا سطح تي وڏو نالو ڪمائيندڙ ڊاڪٽر احمد علي شاهه جيڪو پي ايس 21 تان چونڊيل ايم پي اي هو جنهن پنهنجي تڪ ۾ ڏينهن رات محنت ڪري شهيد راڻيءَ جو پيغام پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ضلعي نوشهري فيروز ۾ شاهه صاحبن جي ماڻهن کي مختلف کاتن مان بدلي ڪري لاچار ۽ بيوس بنايو ويو آهي ٻاهرين ضلعن مان پي پي مخالفن کي آڻي سينيئر ۽ اهل ماڻهن کي ڪڍي نااهل ۽ جونيئر کي ٿاڦيو ويو آهي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته شاهه صاحبن جي پوزيشن اپوزيشن ۾ ويٺل ڪنهن مخالفن جي هجي، هنن جي ماڻهن سان اهو رويو ائين آهي جيئن ڪنهن مخالف پارٽيءَ جي ماڻهن سان رکيو ويندو آهي اهڙي حالت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي آهي اهي حرڪتون ۽ سازشون پارٽيءَ ۾ ويٺل هڪ مخصوص ٽولي وارن جون آهن، هنن سازشن ۽ حرڪتن جي درٻيلي جي سيدن کي پرواهه به نه آهي پر يقينن پارٽيءَ کي وڏو نقصان پئجي رهيو آهي ۽ هتان جي عوام ۾ مايوسي ۽ ڳڻتي ضرور آهي ڇوته هتان جي عوام 11 سالن تائين هتي پي پي مخالفن جو ڏاڍ ،تڪليفون ۽ بي واجبيون سٺيون آهن، جي اها روايت اڃا به برقرار رهي ته پارٽيءَ کي تمام گهڻو نقصان رسندو خدا جي واسطي سنڌ جي هر ضلعي ۽ اتي جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي اهميت ۽ حيثيت جو خيال رکيو وڃي، ٻاهرين وزيرن جي ٻين ضلعن ۾ مداخلت کي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ انهن نااهل ڪرپٽ آفيسرن کان سختيءَ سان پڇاڻو ڪيو وڃي ته اهي پي پي مخالفن جا ڪم ته ڪن ٿا پر اتي جي چونڊيل عيوضين جي ڪم ڪارين ۾ رڪاوٽون وجهي ڪن لاٽار ڪن ٿا. هر ضلعي جي ايم پي اي،ايم اين اي ۽ ورڪرن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ رکندي انهن جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي. مفاهمتي پاليسين جي آڙ ۾ ڀلي ڪيترا به وزير،ڪبير،مير،پير ۽ ڪهڙا به ماڻهو کڻو پر خدا جي واسطي اهڙن ماڻهن کي هرگز ويجهو نه اچڻ ڏيو جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جو سودو ڪندڙ دلال هجن،خدارا انهن جي لياقت،اهليت،ڪردار،صلاحيت ۽ ايمانداري کي ضرور ڏسجو ته جيئن مخالفن کي آڱر کڻڻ جو موقعو نه ملي ۽ جنهن سان شهيد عوام ۽ شهيد راڻيءَ جي روح کي تسڪين ملندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button