شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ ۾ مهراڻ سماجي اتحاد (سنڌ) جو قيام

shahdadkot mehran samaji itahad ji gadjani1شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ ۾ مهراڻ سماجي اتحاد (سنڌ) جو قيام عمل ۾ آندو ويو ، نوان عهديدار چونڊيا ويا ۽ يوٿ ونگ جي بنياد جو پڻ اعلان ڪيو ويو ، سپريم ڪائونسل جي ميمبرن پروفيسر اسرار احمد کوکر ، سڪندر علي ميرجت ، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ، طارق پٺاڻ ۽ ٻين جي نگراني ۾ مهراڻ سماجي اتحاد شهدادڪوٽ (سنڌ) جي اهم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي ، گڏجاڻيءَ ۾ ايڊووڪيٽ عبدالوحيد ڀٽي صدر ، پروفيسر خالد حسين چنه جنرل سيڪريٽري ، ايڊووڪيٽ پرويز احمد شيخ جوائنٽ سيڪريٽري ، ايشور لال ناگديو ماليات سيڪريٽري جڏهن ته ضمير حسين کرل کي پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مهراڻ سماجي اتحاد غير سياسي اتحاد آهي ، جنهن جي پليٽ فارم تان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاء جاکوڙ ڪري سندن مسئلا حل ڪرايا ويندا ، هنن چيو ته هي اتحاد شهر اندر امن وامان کي برقرار رکڻ لاءِ شهر جي مختلف برادرين وچ ۾ سهڪار پيدا ڪرڻ لاء خاص اُپا ءُ وٺندو ، گڏجاڻي ۾ يوٿ ونگ جي بنياد جو پڻ فيصلو ڪيو ويو ، جنهن لاء پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا ۽ ايڊووڪيٽ غلام محمد پٺاڻ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو ، گڏجاڻي ۾ پروفيسر ارشد سومرو ، ايڊووڪيٽ طارق کهاوڙ ، اسحاق دايو ، شاهد حسين اعواڻ ، رئوف سومرو۽ ٻين ميمبرن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button