شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: چوري الزام هيٺ نوجوان قتل

Youth was killedشهدادڪوٽ ۾ چوري الزام هيٺ نوجوان مارجي ويو آهي ، قبي سعيد خان روڊ تي واقع ٽانوري شاخ ويجھو ڳوٺ نوڪر بروهي ۾ ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ (25) ورهين جو ڳڀرو نوجوان شڪيل پٽ احمد خان کھاوڙ چوري الزام هيٺ مارجي ويو آهي ، جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، اطلاع تي حد جي (اي) سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء کڻائي اسپتال پهچايو ، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، پوليس موجب ته مارجي ويل سميت (3) ڄڻا چانڊيا برادري جي گھرن ۾ گذريل رات دير سان چوري جي ارادي سان گھڙيا ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا جنهن ۾ فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران ڄاڻايل نوجوان مارجي ويل مبينا چور ڳوٺ يار محمد بروهي جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو ، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button