شهدادڪوٽ پوليس اغوا ، ڦر ۽ چوري ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، شاگرد اڳواڻ
شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ ۾ شاگردن جي مسئلن جي حل لاء ٺاهيل نواب اسٽوڊنٽس گروپ جي چيئرمين سعيد چانڊيو ، وقار ڀٽي ، صدام مگسي ، سيد اڪبر شاه ، مسرور ابڙو ، نجيع الله مگسي ، جنيد قاضي ، لالا ماجد اعواڻ ، ڪاشف چانديو ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ (21) ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل سوناري نذير بروهي جي بازيابي لاء ڪوٽوموٽوچوڪ تي قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي جدوجھد ڪاميٽي جي چيئرمين مير مظفر بروهي ، مراد پندراڻي ، محمد خان جتڪ، ديدار بروهي ، احمد نواز بروهي ۽ ٻين ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ مغوي جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ، شاگرد گروپ جي اڳواڻن ا ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شهر بدامني جي باه ۾ ٻري رهيو آهي ، اغوا ، ڦر ، چوري جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس انتظاميه ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي ، هنن چيو ته (21)ڏينهن اندر سخت احتجاجن باوجود سوناري نذير بروهي جو بازياب نه ٿيڻ پوليس جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي ، هنن مغوي نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي ڪاميٽي اڳواڻن کي احتجاجي تحريڪ ۾ مڪمل ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي