شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ ويجھو فائرنگ،3 ڄڻا قتل

shot0043شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ ويجھو ٻن فائرنگ جي ڌار ، ڌار واقعن ۾ هڪ عورت سميت (3) ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن ، جڏهن ته واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا آهن ، شهدادڪوٽ ويجھوقبي سعيد خان ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ چنگل ۾ جوابدار ننڍي ڀاء عطا محمد بروهي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاءُ مير محمد بروهي ۽ پنهنجي گھر واري حسينه خاتون کي فائرنگ ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي ، واقعي جي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي قبي سعيد خان اسپتال مان لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاشن کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن ، مقتولا عورت جي ماءُ خيربيبي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سندس ڌيءُ ۽ ڏير کي جوابدار عطاء محمد بروهي بيگناه قتل ڪري ظلم ڪيو آهي ، هن ٻڌايو ته سندس ڌي گھر جي ڪم ڪار ۾ مصروف هئي ته جوابدار اهڙو ظلم ڪيو آهي ، هن وس وارن کان گھر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي قتل ڪندڙ وحشي جوابدار کي گرفتار ڪري کيس سخت سزا ڏني وڃي ، ٻئي پاسي شهدادڪوٽ جي (اي) سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ محمد صديق جمالي ۾ اڻ ڄاتل هٿيار بندن گھر تي حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني ، جنهن جي نتيجي ۾ (25) ورهين جو گھر ڌڻي علي محمد جمالي ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس گھرواري شمشاد خاتون زخمي ٿي پئي ، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم جڏهن ته زخمي عورت کي علاج لاء کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو ، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمي عورت ۽ مقتول جي عزيزن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي هٿيار بندن بيگناه گھر تي حملو ڪري قهري ڪاروائي ڪئي آهي ، هوڏانهن پوليس جاسوسي ڪتن جي مدد سان هٿياربندن جي ڳولا شروع ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي ، هوڏانهن ٻنهي الڳ ، الڳ قهري ڪارواين جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتارعمل ۾ اچي سگھي آهي ، هوڏانهن اهڙي خوني واردات بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button