شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: بس تي فائرنگ ڪلينر مارجي ويو

shahdadkot coach cieanar k qatal k khilaf dharna trefik muetill.. شهدادڪوٽ (رپورٽ: ضميرکرل ) قمبر ويجھو ڦورن جي ڪراچي کان شهدادڪوٽ ايندڙ ڪوچ کي نه بيهارڻ تي ڪوچ مٿان فائرنگ (20) ورهين جو بس ڪلينر مارجي ويو ، قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي واقعي خلاف ٽرانسپورٽرن ۽ وارثن جو ڌرڻو،ٽريفڪ مڪمل طور بند ،شهدادڪوٽ ويجھو قمبر ٿاڻي جي حد نور واه وٽان (6) هٿياربندن ڪراچي کان شهدادڪوٽ ايندڙ ڪوچ کي هٿيارن جي زور تي روڪي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور جي گاڏي نه بيهارڻ واري عمل تي هٿياربندن مڇرجي ڪوچ مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني ، جنهن جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ واسي (20) ورهين جو ڪوچ ڪلينر جاويد بروهي پٽ رستم علي بروهي ٿڏي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته قهري ڪاروائي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ، هوڏانهن مارجي ويل ڪوچ ڪلينر جو لاش سندس وارث شهدادڪوٽ اسپتال کڻائي آيا، جتي سندس لاش پيل آهي ، واقعي جي اطلاع تي سندس عزيز ماتم ڪندا اسپتال پهتا ، سندس وارث عورتون لاش مٿان اڀ ڏاريندڙ پار ڪڍي قاتلن کي پِٽون ۽ پاراتا ڏيئي رهيو هيون ، اسپتال ۾ موجود مقتول جي چاچي علي جان بروهي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڪوچ ڪراچي کان شهدادڪوٽ مسافر کڻي اچي رهي هئي ته نور واه وٽ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڪي مسافرن کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ته مسافرن ڊرائيور کي ڪوچ نه بيهارڻ جو زور ڀريو تنهن تان مڇرجي هٿيار بندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڀائٽيو مارجي ويو آهي ، ٻئي پاسي واقعي خلاف بروهي اتحاد پاران مستوئي شاخ وٽ لاڙڪاڻي شهدادڪوٽ مين شاهراه تي بسون بيهاري ، رڪاوٽون وجھي ۽ ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ، جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڪراچي ، حيدرآباد ، لاڙڪاڻو ، ڪوئيٽا ، خضدار، سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن سوين ايندڙ ، ويندڙ گاڏيون قطارن ۾ بيهجي ويون ، ان موقعي تي اڳواڻن سردار بروهي ، احمد نواز، ديدار بروهي ، بدل خان بروهي ۽ ٻين ميڊيا وارن آڏو دانهيندي چيو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ اظفر مهيسر نا اهل آفيسر آهي ، سندس مقرري سبب سموري ضلعي ۾ بدامني جي باه ڀڙڪي اُٿي آهي اغوا ، ڦر ۽ چوري جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس انتظاميه صرف جوا،منشيات ۽ فحاشي جي اڏن تان منٿليون اوڳاڙڻ ۾ پوري آهي ، هوڏانهن ماڻهون بدامني سبب مري ، لٽجي ، ڦر جي رهيا آهن پر ان تي ڪوبه ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي ، هنن چيو ته ڪوچ ڪلينر جاويد بروهي جو موت به پوليس جي نااهلي جو ثبوت آهي ، هنن ميڊم فريال ٽالپور صوبائي وزير مير نادر مگسي کان گھر ڪئي آهي ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ نا اهل آفيسر آهي کيس فوري طور هٽائي ، اهل ۽ ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري شهرين جي جان مال ۽عزتن کي بچايووڃي ، ٻي صورت ۾ هنن سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button