سکر جي ناري جو ڏيرن جي ظلم کان خيرپور جي عدالت ۾ پيش
خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) سکر جي ناري جو ڏيرن جي ظلم کان خيرپور جي عدالت ۾ پيش عدالت ناري کي پيءُ حوالي ڪري ڇڏي تفصيل موجب سکر جي رهواسڻ زينب ڌيءُ الطاف حسين سولنگي پنهنجي مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي پاڻ مرادو اي سيڪشن ٿاڻِي خيرپور تي پيش ٿي اي سيڪشن پوليس کيس خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي زينب سولنگي جو عدالت بيان وٺڻ کانپوءِ پيءُ الطاف حسين سولنگي حوالي ڪرڻ جا حڪم ڏنا عدالت ٻاهران زينب سولنگي اخباروان کي ٻڌايو ته سندس پيءُ الطاف سولنگي سندس شادي سکر جي رهواسي وحيد جتوئي سان ڪرائي هئي جتي سندس ڏير سليم جتوئي ۽ باشن جتوئي هن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندا هئا ۽ بيگناهه مار ڪٽ ڪندا هئا جن جي ظلم کان تنگ ٿي عدالت پهتي آهيان جيڪڏهن منهنجو مڙس خيرپور ۾ جڳهه وٺندو ته مان ان سان خيرپور ۾ رهڻ جي لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن مان سکر مڙس ڏي ويس ته ڏير مونکي بيگناهه ڪوڙا الزام ڏئي قتل ڪري ڇڏيندا.