سچل سرمست جي عرس جي حوالي سان گڏجاڻي
خيرپور(ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ چيئرمين سچل يادگار ڪاميٽي محمد عباس بلوچ درازا ۾ سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي رمضان المبارڪ جي 14 تاريخ تي منعقد ٿيندڙ 191 هين عرس جي مختلف تقريبن جي انعقاد جي حوالي سان سچل يادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري، ميمبرن، ضلعي جي مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، تعلقي مختيارڪارن، سوشل ويلفيئر، اوقاف، ثقافت ۽ اطلاعات کاتي جي ضلعي عملدارن، سُگهڙ ۽ ملهه ايسوسيئشن جي اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي سي خيرپور گڏجاڻي ۾ ٻُڌايو ته هر سال وانگر حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبون ڀرپور نموني سان ملهايون وينديون. جڏهن ته سالياني عرس جي تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو. هن ٻُڌايو ته موجوده حڪومت پاران گذريل ٻن ٽن سالن کان درگاهه تي مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جنهن ۾ سچل ڪامپليڪس، محفل سماع هال، درگاهه ۽ مسجد جو مرمتي ڪم ۽ ٻيون اسڪيمون شامل آهن جڏهن ته ٻين نين اسڪيمن تي ترقياتي ڪم پڻ جاري آهي جنهن ۾ ريسٽ هائوس ٻيون اسڪيمون شامل آهن. گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سچل سرمست جي سالياني عرس جي حوالي سان پنهنجي گهربل ڪردار ادار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جڏهن ته ٽي ايم اي گمبٽ کي لائيٽنگ، صفائي سُٿرائي ۽ گاڏين جي پارڪنگ جي حوالي سان حُڪم جاري ڪيا. گڏجاڻي ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جي مختلف سب ڪاميٽين جي ڪنوينرن کي پنهنجي لاڳاپيل ڪم جي حوالي سان تياري ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر محمد عباس بلوچ سچل سرمست رح جي مزار تي چادر چاڙهي ۽ ميڊيا جي نمائندن کي درگاهه تي هلندڙ ۽ مڪمل ٿيل مختلف اسڪيمن جي حوالي سان آگاهي ڏني.