مختصر خبرون
سيپڪو لقمان خلاف احتجاجي مظاهرو
خيرپور(ڊر) سيپڪو لقمان خلاف خانڻ شاهه محلي جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو، ڇتي نعريبازي، تفصيل موجب اڱاري جي ڏينهن خانڻ شاهه محلي جي سوين رهواسين سيپڪو لقمان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري لقمان ڦاٽڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ سيپڪو اهلڪارن خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. مظاهري جي اڳواڻي اعجاز مڱڻهار، مير محمد شيخ وڪيل، عزيز سومرو، عزيزالله ڀنگر، وڪيل اياز ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيوته سيپڪو وارن ٽي فيس محلي جا ڪٽي هڪ هزار گهرن تي ٻڌل محلي کي هڪڙي فيس تي هلائين ٿا تنهن ڪري فرجون ۽ پکا به نه ٿا هلن. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان انصاف جي گهر ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.