مختصر خبرون

سيپڪو خلاف درخواست داخل

ڪنڊيارو:حڪومتي اعلانن ۽ دعوائن جي ابتڙ رمضان شريف جي مقدس مهيني دوران به سيپڪو پاران بجلي جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ واري عمل خلاف ڪنڊيارو تعلقه بار ايسوسيئيشن پاران وڪيل مظهر علي ميتلو معرفت سيپڪو ڪنڊيارو ۽ ٺارو شاهه جي ايس ڊي او ۽ ڪنڊيارو جي گرڊ اسٽيشن جي انچارج خلاف ڪنڊيارو جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ورتي آهي،جنهن ۾ سندس موقف آهي ته حڪومت پاران رمضان شريف دوران لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي اعلان جي باوجود مذڪوره سيپڪو عملدار غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن،جنهن بعد عدالت پاران مذڪوره سيپڪو عملدارن کي سڀاڻي ( اڄ ) ڇنڇر ڏينهن عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button