ڪنڊيارو

سيد اسماعيل شاهه راشدي تي حملي خلاف ڪنڊيارو ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، احتجاج

اياز عباسي ،ڪنڊيارو
Nao Shahro Feroze پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي جي نينگر سيد اسماعيل شاهه راشدي ۽ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ ڊاڪٽرس فورم جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز شيخ مٿان ٿيل قاتلاڻن حملن وارن واقعن خلاف ڪنڊيارو ۾ فنڪشنل جا ڪارڪن ضلعي نائب صدر ڊاڪٽر سيد نور حسين شاهه راشدي ۽ ڪنڊيارو جي تعلقه جنرل سيڪريٽري رفيق گهانگهرو جي اڳواڻيءَ ۾ سراپا احتجاج ٿيندي رستن تي نڪري آيا ۽ انهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو پڻ هنيو جنهن سبب مختلف طرفن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي،ان موقعي تي انور مڱريو،شاهد لکمير گهانگهرو،وفا شر،فقير عجب هيسباڻي،سيد نذير حسين شاهه راشدي،شوڪت مڱريو،عطا حسين سولنگي،سيد احمد حسين شاهه راشدي،سيد شجاع الدين شاهه راشدي،سيد صلاح الدين شاهه راشدي ۽ ٻين خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته حملي آورن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سندن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي،ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجن جو اڻکٽ سلسلو شروع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button