آرٽيڪل

سنڌوءَ ڪناري درياءَ جي آزاد وهڪري لاءِ سنڌي ماڻهن جو ميڙاڪو

احوال: ايوب شان خاصخيلي
PFF Picپاڻي ۽ انسان، پر تمام ساهواري مخلوق لاءِ پاڻي لازم ۽ ملزوم آهي ۽ سچ پچ ته حياتياتي سرشتو ۽ صرف پاڻي سان وجود رکي ٿو، ڇو هن ڌرتي تي زندگي جو وجود به پاڻي کان شروع ٿيو. سنڌ ۽ سنڌين جي بقا، درياءَ ۽ سنڌ سان آهي ۽ سنڌوءَ تي ٻڌل ڊيم، بيراج، ڪينالن اسان جي خوشحال زندگي ۽ تهذيب کي تمام گهڻو ڇيهو رسايو آهي. درياءَ بادشاهه جي موج مستي جي جاءِ تي هاڻي واري اڏامي رهي آهي. خاص ڪري انڊس ڊيلٽا جي ماڻهن ۾ مايوسي جي به انتها آهي، هيل تائين 5 لک ماڻهو هجرت ڪري ڪنهن ٻئي پاسي وڃي ويٺا آهن، ڇو پاڻي سان زندگي آهي، پاڻي ناهي ته اتي ڪيئن ٿو رهي سگهجي. اسان کي جيڪڏهن پنهنجي ڌرتي کي بچائڻو آهي، انهيءَ جي موج مستي کي ٻيهر ڏسڻو آهي ته پوءِ پنهنجي سياست ۽ سماجي سرگرمين کي محور به دريائن جي بحالي کي ئي بڻائڻو پوندو. ”دريائن جي بحالي“ مهم جي حصي طور پاڪستان فشر فوڪ فورم به پنهنجي تحريڪ جي ابتدا لاءِ گذريل ڏينهن المنظر ڄامشورو تي افتتاهي تقريب جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ هزارين مرد ۽ عورتن شرڪت ڪئي. خاص مهمانن ۽ شخصيتن ۾ محمد علي شاهه، علي ارسلان، سعيد احمد بابلاڻي، غلام مجتبيٰ وڏهر ۽ طاهره علي شاهه هئا. پروگرام ۾ ثقافتي رنگ لاءِ پاڪستان فشر فوڪ فورم جو ثقافتي ٿيٽر گروپ، الحبش ثقافتي گروپ، لوڪل فنڪارن ۽ مولا بخش ملاح، دريال شرما، اظهر شان خاصخيلي ۽ آزاد ميرواهي پاڻ ملهايو. ان موقعي تي دريائن جي بحالي ۽ ڊيم ٽوڙڻ واري نئين تصور تي ڳالهائيندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه پنهنجي تقرير هن شعر سان شروع ڪئي ته: جي هانءَ نه هارين ڪوهياريل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين، ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.! شاهه صاحب چيو ته اسان جي زندگي جو جياپو درياءَ جي پاڻي تي آهي، اهو پاڻي پڇڙي تائين نه پهتو ته اسان جي نه سگهنداسين ۽ رياست اسان جي زندگي کي قيد ڪري رکيو آهي. پاڻي جي قيد بند جي زنجيرن مان آزادي لاءِ هڪ ملڪ گير تحريڪ هلائڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻو پوندو. پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ڊيم ٺاهڻ، سنڌ بچائڻ جو تصور اسان 2009ع ۾ ڏنو، انهيءَ لاءِ کاري ڇاڻ کان المنظر ڄامشورو تائين 13 ڏينهن لانگ مارچ ڪري هتي پهتاسين، جيڪا پڻ هڪ سول سوسائٽي جي تنظيم جي تمام وڏي ڪاميابي آهي. اسان 14 مارچ 2012ع کان 13 مارچ 2013ع تائين دريائن جي بحالي لاءِ مسلسل ڪئمپن هلائيندا هلائيندا، پوءِ مارچ 2013ع تي پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪارروان اسلام آباد جي پارليامينٽ هائوس اڳيان ڌرڻو هڻبو ۽ ياداشت نامو پيش ڪيو ويندو. ڪرپٽ سياستدان ۽ ڊيم ٺاهڻ واري انڊسٽري دنيا ۾ تمام گهڻو سرگرم آهي، صرف انڊيا دنيا ۾ ٽئين نمبر تي وڏو ڊيم ٺاهڻ وارو ملڪ آهي، انهيءَ ڳٺ جوڙ کي ختم ڪري پاڻي جي قدرتي وهڪري لاءِ اسان کي مسلسل جدوجهد جي عمل ۾ رهڻو پوندو. علي ارسلان (پائلر) چيو ته اسان جي رياست ۽ ٻيا ادارا آلودگي پکيڙڻ ۾ چست آهي، پر ٽريٽمينٽ پلانٽ نٿا لڳائن، حڪومت ڊيم ٺاهڻ ۽ دلچسپي آهي، پر مان پڇان ٿو ته اڳ وارن ڊيمن ڪهڙو ڪارنامو ڪيو، جنهن سان عوام ۾ خوشحالي آئي هجي. اسان کي چائنا جي به مخالفت ڪرڻي پوندي، جو هو دنيا ۾ ڊيمن ٺاهڻ لاءِ فنڊ رليز پيو ڪري ۽ انهن کي ملڪ جي ڪروڙين عوام جي بربادي جو ڪو به خيال نه آهي. سعيد احمد بابلاڻي پاڻي جي اڻاٺ ۽ انهن جي سببن تي تفصيلي طرح ڳالهايو. هن چيو ته پنجاب وٽ 80% انڊر گرائونڊ مٺو پاڻي موجود آهي ۽ سنڌ ۾ صرف 23% پاڻي آهي، جيڪو پڻ نمڪين آهي، پنجاب سنڌو درياءَ مان پاڻي چوري ته ڪري ٿو، جنهن جو مثال چشما لنڪ ڪينال آهي، جيڪو سڄو سال جاري آهي، پر پنهنجو انڊر گرائونڊ پاڻي استعمال ۾ ڇو نٿو آڻي. هن چيو ته سنڌوءَ تي 16 بيراج، 44 ڪينال ۽ 170000 واٽر ڪورسز آهن، جيڪا وڏي رڪاوٽ آهي، پاڻي نه ملڻ ڪري 150 ڪلوميٽر سمنڊ مٿي چڙهي چڪو آهي، درياءَ توهان سڀني جي سامهون آهي، اڳ چوندا هئا ته درياءَ جو پيٽ ڪنهن نه ڏٺو آهي، پر هاڻي ته واري پئي اڏامي. غلام مجتبيٰ وڏهر (ڊائريڪٽر انلينڊ فشريز) چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم عام ماڻهن خاص ڪري ملاحن ۽ مهاڻن جي روزگار جي بحالي، پائيداري ۽ جدوجهد پئي ڪري ۽ هاڻي ته سنڌ جي قومي اشوز تي تحريڪ جو آغاز پيا ڪن، جنهن لاءِ چيئرمين محمد علي شاهه ۽ سندس ٽيم کي جس هجي. مان فشر فوڪ فورم ٿيٽر ۽ ڪلچرل گروپ کي به مبارڪباد ٿو ڏيان جنهن ٿيٽر ۾ زندگي ۽ خاص ڪري پاڻي سان لاڳاپيل هر پهلو تي روشني وڌي. طاهره علي شاهه تمام آيل مهمانن جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي بقا لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ ۾ پنهنجو ايمان پختو ڪجو، جدوجهد کانسواءِ ٻئي ڪا به راهه ناهي بچي. دريائن جي آزادي ۽ بحالي لاءِ هيٺين رٿائن تحت جدوجهد هلندي
: 1. تنظيمي اجلاس ۽ عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ.
2. سول سوسائٽي ۽ سياسي ڌرين سان مشاورت.
3. ثقافتي پروگرام، گيت، ڊراما، ٽيبلوز.
4. مشعل بردار ريليون ۽ دريائن کي گلن جي ڀيٽا.
5. ميڊيا تي پبلسٽي ۽ دستخطي مهم روان رکڻ.
6. ليکڪن کي ذهني طرح تيار ڪرڻ ته هو ماحول، درياءَ ۽ پاڻي تي مضمون لکن ۽ شاعري ڪن.
7. اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين ۾ ليڪچر، تقريري مقابلا ۽ ڊرائنگ جا مقابلا ڪرائڻ.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button