مختصر خبرون

سم نالي جو پاڻي کولرائي اسان جو لکين روپين جو نقصان، ٺيڪيدارن جو الزام

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ناليواري ٺيڪيدارن ڪامران جلباڻي ۽ اشفاق جلباڻي جي ڊرينيج جي ايس ڊي او ۽ عملي خلاف پريس ڪانفرنس تفصيل موجب آچر جي ڏينهن ناليواري ٺيڪيدارن اشفاق احمد جلباڻي ۽ ڪامران احمد جلباڻي پريس ڪلب خيرپور ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڊرينيج ڊويزن خيرپور جو ايس ڊي او نصير منگي، سب انجنيئر احسان سومرو داروغو ۽ بيلدار ساڻ ڪري سم نالي ۾ اسان جا مزدور واٽر ڪورس ڪراسنگ ٺاهي رهيا هئا ته زوري سم نالي جو پاڻي کولرائي اسان جو لکين روپين جو نقصان ڪرايو آهي ان کان سواءِ جيڪو سيمنٽ موقعي دوران پيو هيو اهو به سم نالي ۾ ڦٽي ڪرائي ڇڏيو ۽ اسان جي منشي سفير جلباڻي کي مار ڪٽ ڪري مزدورن، مسترين سميت ڀڄائي ڇڏيو ۽ کيس اهو نياپو ڏنو ته تو پنهنجي ٺيڪيدار کان جيستائين اسان جي لاءِ ڪميشن نه کڻي ايندي تيسيتائين توکي ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته ايس ڊي او جي اهڙي بدمعاشي خلاف هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ڪيس داخل ڪرائيندا هنن ڊرينيج جي اعليٰ آفيسرن کان جاچ ڪرائي انصاف جي گهر ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button