سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ٽن مهاڻن مان ٻن جا لاش هٿ
ملير: سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ٽن مهاڻن مان ٻن جا لاش هٿ، گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، عبدالڪريم جو لاش ڀنڊاڙ ٻيٽ جي ڪپ تان ۽ آدم جو لاش مهاڻن جي ڄار ۾ ڦاٿل حالت ۾ مليو، عبدالڪريم جي مڱيندي بيهوش، عبدالغني جو لاش اڃا نه مليو تفصيل موجب گذريل رات ابراهيم حيدري لڳ ڪورنگي ڪريڪ ۾ ٻيڙي الرحمان جي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي ويل ٽن مهاڻن عبدالڪريم ولد محمد يوسف ۽ آدم ولد ابوبڪر جا لاش هٿ اچي ويا آهن جڏهن ته ٽئي مهاڻي عبدالغني ولد طيب جو لاش اڃا تائين نه ملي سگهيو آهي، لاش جي ڳولا لاءِ ويل مهاڻن ٻڌايو ته سمنڊ ۾ لاش جي ڳولا دوران عبدالڪريم جو لاش ڀنڊاڙ ٻيٽ جي ڪناري تي پيل مليو جڏهن ته آدم جو لاش مڇي ماريندڙ مهاڻن جي ڄار ۾ ڦاٿل مليو. مهاڻن جا مڙهه ڪالهه ابراهيم حيدري جي عمر ڪالوني سندن گهر آندا ويا ته گهر ۾ روڄ راڙي سبب ڪهرام مچي ويو، مهاڻي عبدالڪريم جي مڱڻي ٿيل هئي ۽ عيد کانپوءِ سندس شادي رٿيل هئي، اوچتو مڱيندي جو لاش ڏسي سندس مڱيندي بيهوش ٿي وئي جڏهن ته آدم جا معصوم ٻارڙا پيءُ جي لاش کي چمبڙي ويا. ٻنهي مهاڻن جي جنازي جي نماز ڪالهه ادا ڪئي وئي ۽ کين مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ٽئي مهاڻي عبدالغني جي لاش جي ڳولا اڃا جاري آهي.