شهدادڪوٽ

سماجي تنظيم عليشا پاران سوناري نذير بروهي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

رپورٽ : ضميرکرل، شهدادڪوٽ
shahdadkot samaji tanzim paran nazir brohi ji bazyabi lae muzahro شهدادڪوٽ ۾ سماجي تنظيم عليشا پاران سوناري نذير بروهي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو جڏهن ته مظلوم جدوجهد ڪاميٽي پاران ٻئي ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي وئي،سماجي تنظيم عليشا جي سڏ تي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين عاشق سومري، الله بخش بروهي ، قاسم سومري، محمد علي کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ چاڊرن پارڪ کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 35 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس مغوي نذير بروهي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، جيڪو پوليس جي نااهلي ۽ ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي، هنن چيو ته چونديل نمائندن ۽ پ پ اڳواڻن جي دلاسن ڪو به ٻوٽو ناهي ٻاريو ۽ مغوي اڃان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ اذيتن جو شڪار آهي ، هنن گهر ڪئي ته نذير بروهي کي بنا دير بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن پوليس جي اهڙي لاپرواهي ۽ سستي خلاف عدالت سڳوريءَ جي در کڙڪائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي،ٻئي پاسي مظلوم جدوجهد ڪاميٽي پاران ڪاميٽي جي چيئرمين مير مظفر بروهي، احمد نواز، سردار بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪوٽو موٽو چوڪ تي بک هڙتال جاري رکي مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button