مختصر خبرون
سخت احتجاج رنگ لاتو، لاڙڪاڻو مينسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگھارون ملي ويون
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻو مينسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي جون مھيني جون پگھارون نھ ملڻ تي ايڊمنيسٽريٽر آصف آرائين جي خلاف يونين پاران سخت احتجاج ڪرڻ تي حڪومت سنڌ ڪيس ھٽائي سندس جاءِ تي نئون ايڊمنيسٽريٽر سيڪريٽري لوڪل بورڊ غلام مصطفي ھليو کي مينسپل ڪارپوريشن جو ايڊمنيسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آھي جنھن چارج وٺڻ کان پوءِ يونين پاران ھلندڙ احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ليبر يونين جي اڳواڻن صدرالدين ڀٽي ، قلندر بخش شاھاڻي ، غلام مرتضي جتوئي ، منور سناڊاڻو ، عاشق ڏيٿو ، اياز مير ، عبدالجبار ميراڻي ، صالح جيسر ، جمن ڏھوٽ ، داد محمد جمالي عالم عباسي ۽ ٻين اڳوڻن سان ملاقات ڪري احتجاج ختم ڪرائي ملازمن جو پگھارون جاري ڪري ڇڏيون آھن اھڙي عمل تي ميونسپل ملازمن ۾ خوشيءَ جي لھر اچي وئي.