ساهرن سان ڪاوڙجي ٻن معصوم ٻارڙن سميت عورت روهڙي ڪئنال ۾خودڪشي ڪري ڇڏي
 پير جو ڳوٺ (رپورٽر) ٽنڊومستي لڳ نوجوان عورت ساهرن سان ڪاوڙجي ٻن معصوم ٻارڙن سميت روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏيو، لاشن جي ڳولا جاري، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، رپورٽ موجب، ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ دڙو اڄڻ جي رهواسڻ نوجوان عورت مسمات عزيزان زال عبدالحميد اڄڻ ساهرن سان ڪاوڙجي  پنهنجي ٻن معصوم ٻارڙن 3 ساله وحيد ۽ 5 ساله وحيده سان گڏ ٽنڊومستي لڳ روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي  جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي  سوين ڳوٺاڻا ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ٽوٻا گهرائي لاشن جي ڳولا شروع ڪري ڏني پر لاش اڃان سوڌو هٿ اچي نه سگهيا آهن جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ٻارڙن سميت روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪندڙ عورت جي مڙس جي غيرموجودگي ۾ سندس سهري حاجي مجنو اڄڻ گهرو اڻبڻت تان دڙڪا ڏنا جنهن تي  ڪاوڙجي هن اهڙو قدم کنيوآهي.