آرٽيڪل

سامونڊي پٽيءَ جي ڳوٺن کي پاڻي جي چاڙهه ۽ کاڌ کان بچاءُ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت

ايوب شان خاصخيلي
Arabian Seaسنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي 1050 ڪلوميٽرن تي ٻل آهي، جتي ماهيگيرن جا صديون پراڻا تاريخي ماڳ ۽ مڪان موجود آهن، هتي نه صرف ڪنارن لڳ گهر، اٿڻ ويهڻ ۽ پوري سماجيات جو سلسلو وجود رکي ٿو پر انهيءَ سان گڏ سندن روزگار، رڇ، هوڙا، بندر، ٻيٽ ۽ تمر جا گهاٽا ٻيلا پڻ موجود آهن. مڇي جو روزگار هڪ شڪار مثل آهي، سو مهاڻا ”ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾“ هوندا آهن. هو مڇي جي سيزن ۾ ايترو ته خوش ۽ خود کي آزاد محسوس ڪن ٿا ڄڻ ملڪ جا بادشاهه هجن، پر آف سيزن جڏهن روزگار بلڪل بند هجي يا بس گذر سفر جهڙو هجي ته خود کي مجبور ۽ مسڪين سمجهن، سندن سڪل ۽ مرجهايل چهرا ڏسڻ سان ئي افسوس ٿيندو.
ماهيگيرن کي حڪومتي سرپرستي ۽ خاص ڪري ترقياتي اسڪيمون نه هئڻ سبب سندن روزگار ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهيو آهي، ٻين مسئلن سان گڏ ساحلي پٽي تي وڏي پيماني تي قدرتي سامونڊي ڪٽاءُ ٿي رهيو آهي، جنهن سان نه صرف ڪناري واريون زمينون سمنڊ جي نظر ٿي وڃن ٿيون بلڪه ماهيگيرن جا ڳوٺ ۽ آباديون تيزي سان لهرون مسمار ڪري رهيون آهن، جنهن لاءِ مان پاڻ پنهنجي ذاتي مشاهدي جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس ته گوادر کان جيوڻي ويندي رستي ۾ بندري، پشڪان، پاناوان کان جابلو سلسلي کان ٿيندي اڳتي وڌندا اوهان سمنڊ ڪناري لڳ ماهيگيرن جي وسندي گنز ۾ پهچي ويندا. گنز 500 گهرن ۽ 4500 جي آبادي تي ٻڌل ڳوٺ آهي، هتي اڌ آبادي سمنڊ ڪناري ۽ باقي اڌ وري مٿي پهاڙ تي تعمير ٿيل آهي ۽ ماهيگير گهڻو ڪري کليل سمنڊ هئڻ ڪري اسپيڊ بوٽ ۾ ماهيگيري ڪندا آهن. رحيم بلوچ ۽ ڪي بي بلوچ ٻڌايو ته هتي عام هوڙي ۾ شڪار نٿو ڪري سگهجي. مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ سمنڊ جو جوڀن هوندو آهي، سو لهرون تمام تيزي سان اڳتي ڳوٺ جي زمين کي هڙپ ڪنديون ٿيون وڃن، سون جي تعداد ۾ ڪناري لڳ ٺهيل مڪان سمنڊ اندر وڃي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو رڪڻ وارو نٿو لڳي.
ساڳي طرح گوادر ڀرسان هڪ ننڍڙي شهر سربندر وڃڻ ٿيو ته وڏي حيراني ۽ افسوس ٿيو ته ماهيگيرن جي شهر کي ٽن پاسن کان سمنڊ ڪٽاءُ ڪري چڪو آهي، جنهن سان پڻ تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، خاص ڪري سامونڊي طوفان ۽ قدرتي آفتن دوران انهن ساحلي علائقن کي وڌيڪ خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا. سربندر جي سامونڊي ڪناري جو وزٽ ڪري ڏٺو ته هتي به جون ۽ جولاءِ جي مست الست لهرن ڪنارن کان اڳتي وڌي آبادي جو رخ ڪيو آهي، علائقي واسي بابو حسن ٻڌايو ته چند ڏينهن ۾ سمنڊ 150 فٽ علائقي طرف وڌي چڪو آهي، جنهن ڪري انساني جان ۽ ملڪيتن کي شديد خطرو آهي.
ساڳيو ڪٽاءُ بلوچستان ۾ ڪپر، پسڻي، ڪلمت ۾ به ٿي رهيو اهي، ڪراچي جي مبارڪ ڳوٺ، مين هاڪس بي پڪنڪ پوائنٽ، ڪيٽي بندر جا ٻيٽ، کاروڇاڻ ۽ ڍانڍو تڙ وٽ سامونڊي لهرون اک ڇنڀ ۾ ڪناري جي مٽيءَ جا وڏا ڇپ ڪيرائي اڳتي ڌوڪي رهيون آهن، صرف ٺٽي ضلعي ۾ 22 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. سامونڊي ڪتاءُ کي جيڪڏهن اسان دنيا سطح تي به ڏسون ته اهو خطرو جت ڪٿ موجود آهي، جهروڪ: اسلي (Isle) جو ڪنارو، هيپي زبرگ نارفوڪ، انجيليلا ايسٽ (برطانيه)، منارولا (اٽلي)ادهياوارا (ڪرناٽڪا انڊيا)، پراچيوپ کيري خان (ٿائلينڊ)، الال (منگلور)، بهدلي ولاساد (بنگلاديش)، ماراويلا (سرئيلنڪا)، اڙسيه ۽ چنائي (انڊيا جا سامونڊي ڪنارا وڏي پيماني تي سمنڊ برد ٿي رهيا آهن. جتي جتي کليل سمنڊ آهي اتي سامونڊي لهرون، پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ کي اکاڙي پڇاڙي ٿيون ڇڏين، درياءَ ۽ سمنڊ واقعي شينهن جيان هوندا آهن، اوهان جيتريون به رڪاوٽون وجهندئو ته پاڻي اڃا به وڌيڪ سگهه سان وڌندو، هر رڪاوٽ کي نست بابود ڪريو ڇڏي، جيئن 2010ع واري ٻوڏ ۾ لکين انسانن جي دربدري ٿي.
اسان ڄاڻون ٿا ته خاص ڪري ايشيا ۾ ماهيگيرن جا ڪچا ڀنگان هوندا آهن، جيڪي لهرن جي هڪڙي ئي سٽ سان ڪنهن ڏوران هنڌو وڃيو لڳن. هاڻي آخر انهيءَ هيڏي وڏي مالي ۽ جاني نقصان کان ماهيگرن کي ڪيئن بچائجي، انهيءَ لاءِ چند تجويزون هيٺ ڏجن ٿيون.
• ڪناري لڳ تمر جا وڻ لڳايا وڃن، ڇو ته تمر قدرتي طرح به سامونڊي طوفانن کي روڪين ٿا.
• ڪناري لڳ مٽيءَ ۽ واريءَ سان ڀريل ٻوريون رکيون وڃن.
• ڪناري سان اهڙي ڀٽ ٺاهي وڃي جيڪا مڙيل (Bent) هجي، جنهن ۾ سوراج هجن ۽ پاڻي جي پريشر کي گهٽ ڪري سگهجي.
• سامونڊي ڪناري لڳ وڏا وڏا جابلو پٿر وڏي تعداد ۾ رکيا وڃن.
• ٽريڪٽرن ذريعي مٽي کڻائي ڪناري سان بند ٻڌا وڃن.
• يونين ڪائونسل، تعلقي ڪائونسل ۽ ضلع ڪائونسل انتظاميا پاران هر وقت نگراني جاري رکي وڃي ۽ ٿيندڙ نقصان جو فوري ازالو ٿيڻ گهرجي.
• سامونڊي طوفان يا سونامي جي صورت ۾ حڪومت فوري ايمرجنسي جو اعلان ڪري، ماڻهن کي هنگامي طور متبادل رهائش ۽ زندگي جون ضروري سهولتون مهيا ڪيون وڃن.
• مقامي حڪومتون پڻ ٽال مٽول، روائتي سستي، مسئلن کان چشم پوشي ۽ سرد مهري جو مظاهرو ڇڏي تڪڙا اپاءُ وٺن، ڇو ته انساني جان ۽ انهيءَ کان پوءِ انهن جون ملڪيتون ۽ کاڌ خوراڪ بچائڻ اهم آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button