زرداري جو صدر چونڊجڻ ۽ هن وقت تائين اقتدار ۾ رهڻ آئين سان مذاق آهي، ممتاز ڀٽو
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) نواز ليگ اڳواڻ ممتاز ڀٽو چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ زرداري جو صدر چونڊجڻ ۽ هن وقت تائين اقتدار ۾ رهڻ آئين سان مذاق آهي هن چيو ته ذوالفقار آباد رٿا سنڌ دشمن منصوبو آهي جيڪو ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي قائم ڪيو پيو وڃي ، ممتاز علي خان ڀٽو وڌيڪ چيو ته مفاهمت هڪ ڍونگ آهي حڪومت ۾ ويٺل سڀ اتحادي برابر جا گنهگار آهن هن سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسين نواز ليگ ۾ جيڪا شموليت اختيار ڪئي آهي اها ڪجهه شرطن تي رکيل هئي جيڪي اسان جا قبول ڪيا ويا هئا ۽ اليڪشن ۾ چونڊجڻ بعد نواز ليگ ڪڏهن به ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ اندر ٻوڏ آئي ته وڏي تباهي مچي ويندي جنهن جي سموري ذميواري موجوده ڪرپٽ حڪومت تي هوندي هن اهڙيون ڳالهيون ڪنگري جي علائقي وڏا مهيسر ۾ نواز ليگ سنڌ جي سينئر نائب صدر محمد ايوب شر ۽ نواز ليگ اڳواڻ عبدالله شر سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ هدايت الله مهيسر، ايڊوڪيٽ منظور مهيسر، سماجي اڳواڻ عنايت الله ناريجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.