آرٽيڪلزراعت

زراعت ، صحت ۽ ماحول تي زهريلي دوائون جا اثر….

شيراز نظاماڻي
Sheeraz Nizamaniپاڪستان توڙي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ زراعت خدا جو ڏنل اهو تحفو آهي جو جيڪڏهن نه هجي ها ته انسان ،جانور هر ساهه واري شئي جو وجود نه هئڻ برابر هجي ها . ۽ خدا پاران مختلف مخلوقن کي مختلف نظامن تحت دنيا جي گولي تي آندو ويو آهي . ۽ پروردگار قُران پاڪ ۾ سائنس جو به ذڪر ڪيو آهي .۽ سائنس جو وجود به قدرت جي خلقيل نظام جو بنياد آهي .۽ اسان غور ڪريون ته دنيا جي وجود کانپوءِ انسان ءِ ٻيون ساهه واريون شيون برپا ٿيون . ۽ انهن جي زنده رهڻ جا ذريعا به ڌرتي تي نروار ڪيا ويا .جنهن ۾ زراعت جو اهم ڪردار آهي .۽ هوا باهه پاڻي به وڏي نعمت آهن …سو تنهن وقت به خدا جهان کي هلايو پئي انسان به مري ڪو نه ويا هئا نه ئي بُک ۾ ۽ نه ئي وري اُڃ ۾ هينئر ڪافي مرن پيا ڪي بندوق وسيلي ته ڪي وري زرعي جيت مار دوا وسيلي . ڪُجھه وقت اڳ پر هينئر به اهو فيشن بڻيل آهي .. ته ڪو به مائٽن کان ڪاوڙجي ٿو ته جيت مار دوا کڻي دوست جيتن سان گڏ پاڻ کي به پورو ڪيو ڇڏي .دوست جيت ته نقصانڪار جيتن کي کائي حياتياتي نظام تحت فصلن کي بچائن ٿا پر انسان فصلن کي ڪهڙو نُقصان ٿو پُهچائي جو اهو به جيت مار دوائن جو کاڄ بڻجيو وڃي ؟؟؟؟ ڪڏهن ڪڏهن ته انسان به بي خبري ۾ ٿورو نقصان پهچايو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪجھه بيماريون اهڙيون به فصلن تي حملو ڪن ٿيون جيڪي ماڻهو وسيلي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين ڦهلجن ٿيون خاص ڪري ڪپڙن وسيلي .. ۽ ٻيا به ڪافي سبب آهن جن تي غور بلڪل ڀي ڪونه ڪيو ويندو آ .آبادگار ڀائرن وٽ زرعي يونيورسٽي جو گريجوئيٽ هئڻ گھرجي . مونکي ياد آهي آئون ايم .ايس . سي جي ريسرچ ورڪ جي حوالي سان ڪنهن فيلڊ ۾ ويو هئس ته ايندڙ ويندڙ ۽ هاري ڦري آيا ، چون پيا ابا ڪهڙي ڪمپني جا آهيو دوا ۾ مزو ناهي روز اسپري ڪيون ٿا مون چيو ادا آئون ڪنهن ڪمپني مان ناهيان آئون پنهنجي ڪم سان آيو آهيان . ته هاڻي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته زهريلي دوائن جو استعمال ۽ انهن کي ٺاهڻ واريون ڪمپنيون ڪيتري قدر آبادگارن ۽ هارين تي حاوي ٿي چُڪيون آهن .چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته زهر بلڪل بند ڪري ڇڏيو . پر ان کي به ڪنهن خاص طريقيڪار وسيلي استعمال ۾ آڻيو .عمل کان پهرين رد عمل جو به جائزو وٺو .حياتياتي ڪنٽرول مطابق فصل جڏهن ايڪانومڪ انجري ليول ڪراس ڪري وڃي ۽ هر حيلا وسيلا بيڪار محسوس ٿيڻ لڳن ته پوءِ مجبورن زهر جو استعمال ڪبو آهي سو به ٽائم گھٽ هئڻ سبب ان جي اجازت ڏني ويندي آهي . پر اهڙي نئوبت هروڀرو پيش ڪا نه ايندي آهي . ماحول جي تبديلي ۽ آبهوا جي اثر ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا پيش اچن ٿا .. پر هاڻي اسين جڏهن شروعات ئي زهر سان ڪنداسين ته باقي ڇا بچندو … آئون سمجھان ٿو ته ڪافي سالن کان زهر جو جيترو غير ضروري استعمال ٿيو آهي . ان سان نه صرف دوست ۽ فائديمند جيت مئا ، پر سماجي زندگي ۾ خودڪشين جو به آسان ذريعو پيدا ٿيو .جانورن جي زندگي مڪمل متاثر ٿي .پکي ڪافي مري ويا ۽ ڪافي لڏي وطن ڇڏي ويا .ماحول تي ڪافي خراب اثر پيو مختلف هوائي بيمارين صحت کي متاثر ڪيو .آئون چاهيان ٿو ته انهن سڀني ڳالهين کي مختصرن واضع ڪيان ته قدرتي حياتياتي نظام جي اهميت جي خبر پوي … سائنس جي جديد سهولتن ۽ سائنسدانن جي تجربن ڪافي حد تائين بائيولاجيڪل ڪنترول کي سولو ۽ آسان بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي مدد سان آبادگار پنهنجي فصلن جي حفاظت گھٽ خرچ ۽ با آساني صاف ۽ پاڪ ماحول ۾ ڪري سگھن ٿا .پاڪستان ۾ ٻه زرعي يونيورسٽيون ۽ ٻيا مختلف زراعت سان لاڳاپيل ادارا ملڪ جي زرعي ترقي لاءِ ڏينهن رات تحقيق ۽ تجربن ۾ مصروف آهن . ته جئين ملڪ ۾ سستا ۽ سولا طريقا آبادگارن ۽ هارين تائين پهچائي زراعت کي دنيا جي ڀيٽ ۾ اڳتي وڌائجي ته جئين پاڪستان ڪنهن به لحاظ کان پوئتي نه هجي .ان ۾ زرعي بينڪ جو ڪردار به قابل تعاريف آهي .اسان جيڪڏهن حياتياتي نظام کي باقاعدگي سان عمل ۾ آڻيون ته اسان کي ڪنهن به زهر جي ضرورت نه پوندي ..Spray بائيولاجيڪل ڪنٽرول تحت نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين کان فصلن کي بچائڻ لاءِ نيوڪليئر انٽيٽيوٽ ايگريڪلچر nia ٽنڊو ڄام جو سنڌ ۾ اهم ڪردار آهي . جنهن بائيو ڪنٽرول ٽيڪنالاجي وسيلي پريڊيٽر ، پيراسيٽوايڊ کي ليبارٽرين ۾ قدرتي ۽ هٿرادو کاڌ خوراڪ وسيلي انهن جي تعداد کي وڌائي سنڌ جي مختلف شوگر ملز ۾ ليب متعارف ڪرايون ۽ اڃان به ڪافي تحقيق زير غور آهي جنهن جي مدد سان مڪمل حفاظتي نظام زراعت ۽ ماحول کي زهر جي اثر کان بچائي سگھندو …ان کان علاوا ffs فارمر فيلڊ اسڪول خاص ڪري هارين کي فصلن بابت بنيادي ۽ جديد طريقن بابت تعليم ۽ تربيت ڏني پئي وڃي …. ۽ اسپيشلي عبرت اخبار جو زرعي صفحو به ڄاڻ جي حوالي سان تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي .۽ آئون سائين محمد مٺل جسڪاڻي صاحب جي مشوري جي حمايت ڪندي آبادگار ڀائرن کي گُذارش ڪندسُ ته اوهان پنهنجي فصلن جي مسئلن بابت زراعت جي شعبي سان واسطو رکندڙ گريجوئيٽ يا ماسٽر ڊگري ۽ ڄاڻ رکندڙ سان رابطي ۾ اچي پنهنجي فصلن جي مختلف مسئلن جي حل جي طريقيڪار کي عمل ۾ آڻيو ته جئين زراعت کي سائنسي حياتياتي طريقيڪار سان بچائي سگھجي …..آئون آبپاشي اداري جي اعلٰي عهديدارن کي به گذارش ٿو ڪريان ته پاڻي جي معياري ونڊ ورڇ لاءِ ڪا ٽيم جوڙي واهن مان نڪرندڙ شاخن ۽ واٽرن جي نگراني ڪرايو ته جئين پاڻي جي چوري تي ڪنٽرول ڪري سگھجي ته جئين پُڇڙي وارا آبادگار به پنهنجي حصي جو پاڻي استعمال ڪري نقصان کان بچن . ۽ ٻي ڳالهه اها آهي جو واهن جي بندن تي جيڪي هزارن جي تعداد ۾ وڻ نظر ايندا هئا اُهي هاڻي سئون ۾ به ناهن .اهي ماحول جي خوبصورتي سان گڏ سم ۽ ڪلر کي به روڪڻ ۾ فائديمند ثابت ٿين ٿا ان ڪري انهن وڻن کي وڍجڻ کان بچايو وڃي ۽ ڪافي علائقن جي گٽرن جو پاڻي ۽ فيڪٽرين ۽ ملن جو خراب ۽ آلودا پاڻي به واهن ۾ داخل ڪيو ويندو آهي جنهن سان انساني ۽ آبي زندگي به بري طرح مُتاثر ٿيئي ٿي .. ان لاءِ سم نالن جي انڊر گرائونڊ سسٽم کي ٺيڪ ڪري نيڪال واري نظام کي به صحيح ڪرايو وڃي .گڏو گڏ زهريلي دوائن جي تياري واٽر جي پاڻي سان ٿيڻ واري عمل سان ، جانور ۽ پکي بي خبري ۾ مريو وڃن .. مسئلا تمام گھڻا آهن جيڪڏهن غور ڪبو ته هر جاءِ تي ڪميون ، ڪوتاهيون ۽ گھوٻيون نظر اينديون . پر اسان انسانن کي سمجھڻ گھرجي ته اسان جي ٿورڙي لاپرواهي سان ڪيترا نقصان سامهون اچن ٿا . پاڪستان جي مختلف زمينن تي ڌيان ڏبو ته تقريبن ساڳين فصلن جي پوکي نظر ايندي جنهن سان سئوئل سسٽم زميني نظام يڪسانيت جو شڪار ٿيئي ٿو .۽ مسلسل ساڳيي فصلن جي پوکي زمين جي طاقت کي آهستي آهستي گھٽائي ٿي . لاباري کانپوءِ اڪثر هاري ڪچري کي ساڙي ڇڏيندا آهن جيڪو زمين لاءِ فائديمند هوندو آهي .ڪاٽن سيزن ۾ فيڪٽرين ۾ فلٽر نه هئڻ يا غير معياري هئڻ سبب ٽي بي انسان کي وڪوڙيو وڃي ۽ دم جي مريضن لاءِ ٻيڻو آزار بڻجيو وڃي اهڙي عمل تي به ڌيان جي ضرورت آهي . پلانٽ ڪورنٽائن ڊپارٽمينٽ کي به گھرجي ته اسپيشل معائني کانپوءِ ٻاهران آيل ٻج يا زراعت سان لاڳاپيل شين کي ملڪ ۾ سپلائي ڪري .ته جئين آمريڪن سنڊي جيان ٻيون بلائون نه پيدا ٿين .ته جئين ڪلاسيڪل بائيولاجيڪل ڪنٽرول جي مدد نه وٺڻي پئي . اهو به هڪڙو بهترين طريقو آهي ته جيڪڏهن نقصانڪار جيتن کي کائيندڙ جيت پريڊيٽر ۽ پيراسيٽوائيڊ اسان جي ملڪ ۾ ناهن ته اسان ٻاهرين مُلڪن مان گھرائي پاڪستان ۾ پالي سندن تعداد وڌائي پنهنجي فصلن جي حفاظت ڪريون ٿا ، ته هاڻي حياتياتي نظام سان هر مسئلي جو حل اسان وٽ آهي ته پوءِ زهر جو استعمال ڪري ڪيڏو نه قدرتي نظام کي متاثر ڪري رهيا آهيون . آئون سمجھان ٿو ته هاڻي آبادگار ڀائرن ۽ هارين کي فراخدلي جو مظاهرو ڪري زراعت سان لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ اچڻو پوندو .ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا . ۽ ٻنين ۾ ڀاڻ جو استعمال به قدرتي نظام واري جنهن کي فارم يارڊ مينيوئر يا هٿرادو کڻي چئجي ان جو استعمال نه صرف زمين کي طاقت بخشي ٿو پر ڪيميڪل کان وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيئي ٿو … ڪافي ڳالهيون آهن ننڍيون ننڍيون شيون آهن جنهن کي ويهي بيان ڪندس ته ٻين دوستن جا عنوان رهجي ويندا .. چوڻ جو مقصد ته اسان جي ملڪ سميت سنڌ جا آبادگار جيترو غير ضروري زهر جو استعمال ڪري رهيا آهن .ان عمل سان زراعت سان گڏوگڏ صحت ۽ ماحول تي به خراب اثر پئجي رهيو آهي .ڀاڄين واري فصلن تي غير ضروري اسپري انسان ۾ فڊ پوئازن ۽ معدي جي مختلف بيمارين جو سبب بڻجي رهيا آهن .. اڄڪلهه هرڪو جلد فائدو ۽ ناڻو چاهي ٿو پر عمل جي رد عمل جو ڪنهن کي ڪو فڪر نه ئي احساس آهي .اڳي ماڻهو سئو سالن تائين به طاقتور ۽ سگھا هوندا هئا . پر هينئر ٽيهه سالن کانپوءِ اسپتالن جا چڪر شروع آئون هاڻي ڪهڙي صدمي جو چهرو ڏيکاريان .. آئون ته اهوئي چوندس ته جنهن مُلڪ ۾ اسين رهون ٿا ان جي ماحول ،صحت ۽ هر ان جيو جي حفاظت لاءِ جيڪو خدا پاران نظام ٺهيل آهي ان کي تباهه ڪرڻ جو حق اسانکي بلڪل ڪونهي ..خدا پاڪ جيڪي به شيون پيدا ڪيون آهن انهن جي جيئڻ ۽ مرڻ جو نقشو به انسان سامهون رکيو آهي ..جيڪڏهن جيت نقصانڪار آهن ته فائديمند به آهن . ان جو اهو مقصد ڪونهي ته اسان انهن کي زهر ڏيئي انهن سان گڏ اسان پاڻ کي ۽ ماحول کي به ختم ڪري ڇڏون . ڳالهه صرف سوچڻ سمجھڻ ۽ عمل ڪرڻ جي آهي پر اهو عمل حقيقت ۾ تڏهن ايندو جڏهن آبادگار زرعي شعبا ۽ هاري سڀئي گڏجي هڪ ٿي زهر جي اثرات کي ختم ڪرڻ جو احد ڪندا ته ملڪ ماحول صحت سنڌ ۽ هر جيو سڪون سان پنهنجي مختصر زندگي جو سفر پورو ڪندا نه ته مرڻو ته آهي پوءِ سڪون سان ساهه کڻي وڃون يا زهر ذريعي سڪ سلامت ساٿ سلامت خوش رهو سدا سرسبز فصلن جيان آمين …
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button