مختصر خبرون

رينجرز ۽ پوليس جي چڙھائي جسقم ڪارڪن گرفتار

ملير کوکراپار ۾ رينجرز ۽ پوليس جي وڏن اٽالن جي گهرن تي چڙهائي، گهرن ۾ گهڙي 5 کان وڌيڪ جسقم ڪارڪن گرفتار، علائقي ۾ احتجاج تفصيل موجب ڪالهه شام ڌاري رينجرز اهلڪارن ۽ پوليس اٽالن ملير کوکراپار جي علائقي تي چڙهائي ڪري ڏني، ڪڇين ۽ ٻين برادرين سميت جسقم جي اڳواڻن شاهد نوتيار، احمد نوتيار، محمد اسلم ۽ ٻين جي گهرن ۾ زوري گهڙي پنجن کان وڌيڪ جسقم جي ڪارڪنن محمد عثمان، شهباز، صدام، يونس ۽ نديم عرف پپو ڪڇي کي گرفتار ڪري ورتو. قانون لاڳو ڪندڙن اهلڪارن جي اوچتي چڙهائي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪرڻ خلاف سوين رهواسين جو گهرن کان ٻاهر نڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ گرفتار اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جسقم ڪراچي جي صدر الاهي بخش بڪڪ رينجرز اهلڪارن جي چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته 50 کان 60 تائين گاڏين ۾ سوار وڏي تعداد ۾ رينجرز اهلڪارن کوکراپار ۾ سنڌين جي آبادين کي گهيري ۾ آڻي گهرن ۾ گهڙي عورتن سان بدتميزي ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ اسان جا پنج ڪارڪن بيگناهه گرفتار ڪري ورتا آهن. هن چيو ته رياستي ڏاڍ سان ڪڏهن به امن نه ٿيندو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت جو احساس وڌندا. هن مطالبو ڪيو ته شاهد نوتيار سميت سمورن گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button