روڊ حادثي سبب فوت ٿيل پير پاڳاري جي ننڍي ڀيڻ جي تدفين اڄ جنت البقيع ۾ ٿيندي
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) مديني منور ۾ روڊ حادثي سبب فوت ٿيل پير پاڳاري جي ننڍي ڀيڻ جي تدفين اڄ جنت البقيع ۾ ٿيندي، آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پير پاڳاري سميت ڪٽنب جا ماڻهو سعودي عرب روانا، ميت کي ڏيهه آڻڻ جا پڻ امڪان، سوڳ ۾ پيرڳوٺ شهر ٻئين ڏينهن به بند رهيو، رپورٽ موجب، سعودي عرب ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد مديني منوره ۾ 2 ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل پير پاڳاري جي ننڍي ڀيڻ بي بي نائله، سندس ملازمه ۽ ڊرائيور جي تدفين اڄ (جمعي ڏينهن) مديني منوره جي مشهور قبرستان جنت البقيع ڪئي ويندي جنهن لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن هوڏانهن مرحومه بي بي نائله جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ حرن جو روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳارو، سيد صدر الدين شاهه راشدي، سيد علي گوهر شاهه راشدي، مرحومه بي بي نائله جو مڙس سهيل احمد خڳا، سندس ٻه نياڻيون توڙي ڪٽنب جا ٻيا فرد سعودي عرب روانا ٿي چڪا آهن ٻئي طرف صد آصف علي زرداري پير پاڳاري کي فون ڪري سندس مرحومه ڀيڻ ۽ ملازمن جا لاش ڏيهه آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي آهن جنهن بعد اهي به امڪان آهن ٿي سگهي ٿو لاشن کي ڏيهه آندو وڃي، هوڏانهن واقعي جي سوڳ ۾ پيرڳوٺ شهر ٻئين ڏينهن به مڪمل طور بند رهيو جڏهن ته پيرڳوٺ جي سانگري برادري پاران واقعي تي گهري ڏک ۽ سوڳ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف وزير اعظم پاڪستان راجا پرويز اشرف، اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، ميان نواز شريف، عمران خان، الطاف حسين، فاروق ستار، شاهي سيد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن توڙي ٻين پير پاڳاري سان فون ذريعي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.