باڊھ

رمضان شريف دوران عام واھپي جون شيون سرڪاري مقرر ريٽ تي وڪرو ڪيون وڃن، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو

Larkana Allah Wala Chowkلاڙڪاڻو(رپورٽ: بختيار بگٽي)ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو عبدالعليم لاشاري جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر ھائوس ۾ ٿي گذري ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو واپارين کي ھدايت ڪئي تھ رمضان شريف دوران عام واھپي جون شيون سرڪاري فڪس ٿيل قيمت تي وڪرو ڪيون وڃن تھ جيئن رمضان شريف دوران عوام کي سستيون شيون فراھم ڪري سگھجن ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيوتھ ذخيرھ اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ان وڌيڪ چيوتھ اسسٽنٽ ڪمشنرس ۽ مختيار ڪارن کي تمام جلس ميجسٽريٽ پاور ڏنا ويندا تھ جيئن اھي رمضان شريف جي مھيني ۾ سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھن تي ڪنٽرو ل ڪرائي سگھن جڏھن تھ مارڪيٽ ڪاميٽي کي بھ ھدايت ڪئي وئي تھ اھي پڻ پرائيز لسٽ تي عمل ڪرائن ھن واپارين کي صلاح ڏني تھ سرڪار طرفان ڏنل پرائيز نمايا جڳھن تي لڳائن تھ جيئن عام ماڻھو ان کي ڏسي سگھي ان اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار ڪارن کي ھدايت ڪئي تھ اھي روزانو جي بنياد تي مارڪيٽن ۽ بازارن جا دورا ڪن ۽ ان جي روزانو رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ڏين جڏھن تھ عوام کي گھٽ کان گھٽ ريٽ تي کاڌي پيتي جون شيون مھيا ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ بچت بازار پڻ لڳائي ويندي جڏھن تھ ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون اسداللھ ابڙو ضلعي جا اسسٽنٽ ڪمشنر ، مختيار ڪار ۽ واپاري اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button