مختصر خبرون
رمضان جي مقدس مھيني ۾ ٺري ۾ ھوٽل کليل
ٺري ميرواهه (ت ر) رمضان شريف جي آمد جي موقعي تي تعلقه ٺري ميرواهه جي سڀني شهرن ۾ سرعام هوٽل کليل ، جڏهن ته مٺائي جا دڪان پڻ سرعام هلندارهيا ، جڏهن ته ٺري ميرواهه انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل ، رمضان شريف ۾ هوٽل کليل خلاف مختلف مذهبي جماعتن ، سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، شهرين چيو ته تعلقه ميرواهه ۾ انتظاميه نه هجڻ جي برابر آهي ، ۽ ٺري ميرواهه اندر مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن شهرين اهڙيون شڪايتون سي ايم هائوس ڪراچي ۾ پڻ ڪيون آهن۔