رمضان ايندي ئي مھانگائي چوٽ چڙھي ويئي
رپورٽ : فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان
رمضان شريف ايندي ئي عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، يوٽلٽي اسٽورن تان ملندڙ سامان انتهائي غير معياري، عام ماڻهو جي خريداري واري سگهه جواب ڏيئي ويئي، گوشت، مڇي، سبزيون، فروٽ ۽ شربت جي اگهن ۾ ٻيڻي واڌ، مارڪيٽ ڪاميٽي اگهور ننڊ ۾ ، اگهن جون لسٽون به نه مليون، تفصيل موجب رمضان شريف جو مهينو ايندي ئي روز مره جي استعمال ايندڙ شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن پهرين روزي کان ئي ننڊو گوشت 460 روپيه، ٻه ڪلو کان گهٽ واري مڇي 400 روپيه في ڪلو، گولڊن صوف 280 روپيه في ڪلو، عام صوف 260 روپيه في ڪلو، نارنگي 160 روپيه ڪلو، آلو بخارا 240 روپيه ڪلو، توريون 80 روپيه ڪلو، ٽماٽا 80 روپيه ڪلو، بصر 40 روپيه ڪلو، پٽاٽا 40 روپيه ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته مارڪيٽ ڪاميٽي پاران منجهند 12 وڳي تائين واپارين کي اگهن تي ڪنٽرول واريون لسٽون مهيا نه ڪيون ويون هيون، جنهن سبب عام خريدار سخت پريشان هو، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن تي ملندڙ چانور ، داليون ۽ ٻيو سامان انتهائي غير معياري ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته کنڊ جي صرف هڪ ڪلوواري ٿيلهي گراهڪن کي ڏني پئي ويئي، جنهن تان خريدارن ۽ يوٽيلتي اسٽور وارن ۾ منهن ماري ۽ ڏند چڪ پڻ ٿيندي رهي، روزيدار سڪندر مينڌرو صحافين جي ٽيم کي ٻڌايو ته واپاري پنهنجا من پسند اگهه وٺي رهيا آهن ۽ اسان ڪا به شيءُ خريد ڪرڻ جهڙا نه رهيا آهيون هر شيءُ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، سبزيون ۽ داليون به نٿا کائي سگهون، ان کانسواءِ اسان وڏين فيملين وارا يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ وٺڻ اچون ٿا ته اسان کي صرف هڪ ڪلو واري ٿيلهي ڏني وڃي ٿي ۽ اهو چيو ٿو وڃي ته ڊي سي صاحب جو حڪم آهي اسان هڪ ٿيلهي ڏينداسين، ٻي روزيدار بابر امير چٺا صحافين جي ٽيم کي ٻڌايو ته بازارن مان خريداري واري قوت ختم ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي يوٽيلٽي اسٽورن تان خريداري ڪريون پيا پر يوٽيلٽي اسٽور تان ملندڙ دال ۽ چانورن جي ٿيلهين مان پٿريون ۽ جيت ملي رهيا آهن ۽ انتهائي غير معياري سامان ملي رهيو آهي، ڪامران پلي صحافين جي ٽيم کي ٻڌايو ته مڇي انتهائي مهانگي آهي ۽ ٻه ڪلو کان گهٽ واري مڇي 400 روپيه في ڪلو وڪامي رهي آهي ان ڪري هاڻي مڇي کي ڇڏي دال ٿا وٺون. گوشت مارڪيٽ ۾ خريدار سرفراز ٽالپر ٻڌايو ته ننڊو گوشت 460 روپيه في ڪلو وڪامي رهيو آهي.