ڪراچي

رمضان المبارڪ دوران عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول سيلقائم

Ramadan al Mubarak Ramazan Kareem 003ڪراچي( رپورٽر) رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ ۽ سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهن تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن تي وزيراعليٰ هائوس ۾ “پرائس ڪنٽرول سيل” قائم ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ طرفان باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.ايڊيشنل سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل سيل صوبي اندر عام ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن سرگرم رهندو. جڏهن ته هي سيل عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گهرو کاتي، ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن ۾ ان مقصد لاءِ قائم ڪيل سيلن سان هر وقت رابطي ۾ رهندو.
سنڌ سرڪار پاران رمضان المبارڪ دوران عام واهپي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل سيل سنڌ جي وڏي وزير کي روزاني جي بنياد تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ قائم ڪيل سيل ۾ پرائيويٽ سيڪريٽري نثار احمد بابر،سيڪشن آفيسر علي گل سنجراڻي ۽ سيڪشن آفيسر محمد خان کي مقرر ڪيو ويو آهي. صوبي جي عوام کي صلاح ڏني ويئي آهي ته سرڪار پاران عام واهپي جي شين لاءِ مقرر ڪيل اگهن کان واپارين ۽ دڪاندارن پاران وڌيڪ اگهه وٺڻ بابت ٽيلفون نمبرن 4- 99202051-021، 99207349-021، 99202065-021 ۽ فيڪس نمبرن 99202029-021 ۽ 99202007-021 تي چوويهه ڪلاڪ پنهنجون شڪايتون موڪلي سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button