خيرپور پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو
خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور پوليس جي ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ جاگيراڻي تي چڙهائي ڪري پوليس بدنام ڌاڙيلن منير جاگيراڻي ۽ نذير جاگيراڻي جي گهرن ۾ ڪاهي پئي ته پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿي پيو. ڌاڙيل فرار پوليس ۽ ڌاڙيلن جي فائرنگ تي سوين ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ويا علائقي ۾ خوف ۽ حراس. گهر گهر تلاشي ڦر ٿيل چار موٽر سائيڪليون هڪ ٽريڪٽر ۽ ٻيو سامان هٿ. تلاشي دوران ٽي سال اڳ اغوا ٿيل شبانا خاصخيلي ٻن ٻارن سميت بازياب. ڪري ورتي شبانا خاصخيلي جون اخباروارن سان ڳالهيون ٽي سال لڳاتار بدنام ڏوهاري گلڻ جاگيراڻي حوس جو نشانو بڻائي پٽ کي قتل ڪيو شبانا خاصخيلي جي بازياب ڪرائڻ جو اطلاع سندس وارثن کي سڪرنڊ ۾ ڏنو ويو چار الڳ الڳ ڪيس داخل. ڌاڙيلن جي فرار ٿيڻ تي سندن چئن عورتن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. تفصيل موجب سومر جي ڏينهن خيرپور ڀرسان ڳوٺ جاگيراڻي ۾ اسپيشل ٽيم پوليس فورس جي جوانن ۽ اي سيڪشن پوليس سنڌ جي بدنام ڌاڙيل نذير جاگيراڻي ۽ منير جاگيراڻي جي گهر تي چڙهائي ڪئي ته پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو شروع ٿي ويو جيڪو اڌ ڪلاڪ جاري رهيو فائرنگ جي آواز تي سوين ڳوٺاڻا به پهچي ويا جڏهن ته ڌاڙيل نذير جاگيراڻي ۽ منير جاگيراڻي پنهنجي ٽولي سميت ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو تنهن کان پوءِ پوليس گهر گهر تلاشي ورتي جڏهن ته پوليس چار ڦر ٿيل موٽر سائيڪليون هڪ ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪئي جڏهن ته تلاشي دوران ٽي سال اڳ سڪرنڊ شهر جي محلي بخاري پاڙي جي رهواسڻ شبانا زال مرحوم حسن خاصخيلي ٻن ٻارن اٺن سالن جي ڪامران ۽ ستن سالن جي سونيا سميت هٿ ڪري ورتي جڏهن ته شبانا جي وارثن کي سڪرنڊ ۾ بازياب ڪرائڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي جيڪي شبانا کي وٺڻ جي لاءِ شهر مان نڪري چڪا آهن بازياب ڪرايل شبانا خاصخيلي اي سيڪشن ٿاڻي تي اخباروان کي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ ڏيرن سندس مڙس حسن خاصخيلي کي سڪرنڊ ۾ قتل ڪيو هو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي ٽن ٻارن سان سڪرنڊ مان نڪري خيرپور ۾ پنهنجي ماسي مکڻ خاصخيلي وٽ ايندي بس اسٽاپ تي پهتي ته هن ۽ هن جي ٻارن کي بک لڳي ته هن هڪ اڻ سڃاتل ماڻهو کي ٻارن کي ماني کارائڻ جي لاءِ چيو جنهن ٻارڙن کي ماني کارائي نشي آور شيءِ سنگهائي کيس ٻارن سميت اغوا ڪري بدنام ڏوهاري گلڻ جاگيراڻي حوالي ڪيو جيڪو لڳاتار ٽي سال مختلف هنڌن تي رهائيندو رهيو ۽ مونکي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائيندو رهيو ۽ مونکان ۽ منهنجي ٻارن کان مختلف هنڌن تي چوپايو مال چارائيندو هيو هڪڙي ڏينهن منهنجي پٽ عامر مال چارڻ کان انڪار ڪيو ته کيس منهنجي سامهون گلڻ لٺيون هڻي کيس قتل ڪري لاش بغير غسل ۽ جنازي جي پورائي ڇڏيو هو. هن چيو ته گلڻ جاگيراڻي وڏو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي هن وٽ وڏا وڏا ڌاڙيل ايندا ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس نذير جاگيراڻي ۽ منير جاگيراڻي کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڇاپو هنيو ۽ جڏهن مون پوليس کي ڏٺو ته دانهون ڪري ٻارن سميت پوليس وٽ آيس هن چيو ته مونکي منهنجي وارثن حوالي ڪيو وڃي نه ته هتي جاگيراڻي برادري جا ڌاڙيل مونکي قتل ڪري ڇڏيندا مونکي ۽ منهنجي ٻارن کي خطرو آهي اسپيشل ٽيم پوليس جي انچار عبداللطيف ابڙو ۽ اي سيڪشن جي ايس ايڇ او اياز ميمڻ اخباروارن کي ٻڌايو ته ڳوٺ جاگيراڻي ۾ بدنام ڌاڙيل نذير جاگيراڻي ۽ منير جاگيراڻي جي گهر تي ڇاپو هنيو پر هو مقابلي دوران کسڪي ويا جڏهن ته انهن جي گهر مان ڦر ٿيل چار موٽر سائيڪليون ۽ ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪئي آهي جڏهن ته ٽي سال اڳ اغوا ٿيل شبانا خاصخيلي به ٻن ٻارن سميت بازياب ڪرائي آهي هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف پوليس مقابلو ۽ شبانا جي اغوا ۽ شبانا جي پٽ کي قتل ڪرڻ جا ڪيس پڻ الڳ الڳ داخل ڪيا ويا آهن بدنام ڌاڙيل نذير جاگيراڻِي تي سنڌ حڪومت جا ويهه لک روپيه انعام مقرر ٿيل آهي هو ڪيترن ئي ڪيسن ۾ مختلف ضلعن ۾ پوليس کي گهربل آهي. جڏهن ته ڌاڙيلن جي فرار ٿيڻ بعد پوليس ڌاڙيلن جي رشتيدار چئن عورتن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ رکيو آهي.