مختصر خبرون

خيرپور مان اغوا ٿيل فاطمه سمون بازياب نه ٿي سگهي

خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور مان اغوا ٿيل فاطمه سمون بازياب نه ٿي سگهي. بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب خيرپور جي نم موڙ ڀرسان هڪ هفتو اڳ اغوا ٿيل نوجوان ناري فاطمه سمون زال جاويد سمون کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي جنهن جي بازيابي لاءِ سندس وارثن گل حسن سمون پرويز سمون، نويد سمون، ريشما سمون، دلشاد سمون، شمع پروانه سمون ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چيوته هڪ هفتو اڳ فاطمه سمون جي عزيزن ڌوڪي سان فاطمه سمون ۽ سندس مڙس جاويد سمون کي نشو ڏئي کيس اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا. اٺ ڏينهن گذري ويا آهن پر بي سيڪشن پوليس فاطمه کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هنن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته فاطمه سمون کي فورن بازياب ڪرايو وڃي. ياد رهي ته فاطمه غير مسلم هئي جنهن مسلمان ٿي نوجوان جاويد سمون سان پيار جو پرڻو ڪيو هو۽ هڪ هفتو اڳ فاطمه جا عزيز سندس گهر ۾ رهي ڪري نشو ڏئي کيس کڻي هليا ويا هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button