خيرپور: سول اسپتال جي مريض عورت کي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽر پيرڳوٺ واسڻ ڪاري ڪامڻ جي مريضه کي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، عورت جو پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو احتجاج، ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ۽ واهر جي اپيل، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ جي سالار محله جي رهواسڻ مسمات نصيبان لاکو پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته آئون گذريل ڪيتري عرصي کان ڪاري ڪامڻ جي موذي مرض ۾ مبتلا آهيان منهنجو مڙس ڪجهه سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي ۽ تمام مسڪين ۽ بيپهچ آهيان هن چيو ته آئون 2 ڏينهن اڳ علاج لاءِ خيرپور جي سٽي اسپتال ويس جتي اسپتال عملي مونکي داخله ڏئي 6 مهينن جو ڪورس ڪرائڻ لاءِ چيو پر ٻئي ڏينهن تي اتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر رتن ڪمار مون بنا جواز مونکي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو ۽ چيو ته تنهنجو علاج نه آهي تون ٻي هنڌان وڃي علاج ڪراءِ، عورت نصيبان لاکو وڌيڪ ٻڌايو ته آئون پيرڳوٺ ۾ ڄاڻايل ڊاڪٽر رتن ڪمار جي پرائيوٽ ڪلينڪ مان علاج ڪرائيندي هيس پر ساڳئي ڊاڪٽر کان سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرائڻ لاءِ ويس ته هو مڇرجي پيو ۽ هن بداخلاقي ڪندي سرعام ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪا مون مسڪين بيوه سان وڏي زيادتي ۽ ناحق آهي هن چيو ته هن وقت مونکي ڪاري ڪامڻ سبب سخت تڪليف ٿي رهي آهي ڏينهن رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيان مسمات نصيبان لاکو وزير اعليٰ سنڌ ۽ صحت جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل ڊاڪٽر جي ظلمن جو نوٽيس وٺي سندس خلاف ڪاروائي ڪري منهنجي زندگي بچائي وڃي