خيرپور

خيرپور جي ڏٻر محلي ۾ ٻن وحشي جوابدارن جي معصوم نينگر سان ڏاڍائي

Javed Qureshiخيرپور(ڊر) خيرپور جي ڏٻر محلي ۾ ٻن وحشي جوابدارن جي معصوم نينگر سان ڏاڍائي. نينگر کي بيهوشي جي حالت ۾ سندس گهر ٻاهران اڇلائي ويا. اسپتال داخل. ڏاڍائي جي ايف آءِ آر داخل. هڪ جوابدار گرفتار. تفصيل موجب خيرپور جي ڏٻر محلي مان ٻن وحشي جوابدارن تيمور ولد قربان ڀٽي ۽ جاويد ولد عطا محمد قريشي پنهنجي پاڙي جي اٺن سالن جي معصوم نينگر ياسين ولد خان محمد ڀٽي کي کارڪن پٽڻ جي بهاني ڀرسان واري باغ ۾ وٺي ساڻس زبردستي ڏاڍائي ڪئي ته نينگر بيهوش ٿي ويو. جنهن بعد جوابدار بيهوش نينگر کي گهر ٻاهران اڇلائي ويا. نينگر هوش ۾ اچڻ بعد پنهنجي گهرڀاتين کي حقيقت ٻڌائي. جنهن بعد نينگر کي سول اسپتال خيرپور داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نينگر هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي. جڏهن ته نينگر جي والد خان محمد ڀٽي جي فرياد تي جوابدار تيمور ڀٽي ۽ جاويد قريشي خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پوليس هڪ جوابدار جاويد قريشي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button