مختصر خبرون
خيرپور:ابڙا محلي ۾ مڙس پنهنجي زال کي تشدد ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي لقمان جي ابڙا محلي ۾ مڙس پنهنجي زال کي تشدد ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار فرار. تفصيل موجب خيرپور جي لقمان جي ابڙا محلي ۾ جوابدار امير علي ابڙو پنهنجي زال مسمات ريحانا کي تشدد ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن جو لاش سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي. قتل ٿيل ريحانا جي پيءُ خير محمد ميمڻ صحافين کي ٻڌايوته منهنجي ڌيءُ کي سندس مڙس سدائين تشدد ڪندو هو ۽ اڄ به هن کيس رسن سان ٻڌي سخت تشدد ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مقتوله عورت ٻن ٻارن جي ماءُ هئي جڏهن ته جوابدار امير علي ابڙو فرار ٿي ويو آهي.