مختصر خبرون
خودڪشي ڪندڙ عورت جي ھڪ نياڻي جو لاش ملي ويو
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) ٽنڊومستي لڳ روهڙي ڪئنال ۾ عورت پاران ٻن ٻارڙن سميت ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ بعد سندس هڪ نياڻي جو لاش هٿ، باقي لاشن جي ڳولا جاري، رپورٽ موجب، 2 ڏينهن اڳ گهرو ابڻبت تان ٽنڊومستي لڳ روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ٻن ٻارڙن سميت خودڪشي ڪندڙ عورت عظيمان اڄڻ واري واقعي بعد هڪ ٻارڙيءَ 5 ساله وحيدان اڄڻ جو لاش ڪنڊيارو لڳ پاڻي ۾ لڙهيندي نظر آيو جنهن کي علائقي واسين ۽ پوليس ڪڍي ورتو جنهن جي سڃاڻپ وحيدان ڌيءُ عبدالحميد اڄڻ طور ٿي آهي، هوڏانهن خودڪشي ڪندڙ عورت ۽ هڪ ٻارڙي عبدالوحيد اڄڻ جا لاش اڃان تائين هٿ اچي نه سگهيا آهن جن جي ڳولا اڃان تائين جاري آهي.