شهدادڪوٽ

حڪومت (ن) ليگ جي سنڌ ۾ وڌندڙ ساک ۽ اڪثريت کي ڏسي بوکلائجي وئي، ن ليگ يوٿ ونگ اڳواڻ

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
PNL N Shahdadkoatشهدادڪوٽ ۾ مسلم ليگ (ن) يوٿ ونگ پاران صوبائي صدر راجا انصاري کي حراست ۾ وٺي ضلعي بدر ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙ مير غيبي خان مغيري ، حاجي خان ڀٽو ، محبوب گل سهڻي ، يونس عمراڻي ، ذوالفقار مگسي ، شاهزمان کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت (ن) ليگ جي سنڌ ۾ وڌندڙ ساک ۽ اڪثريت کي ڏسي بوکلائجي وئي آهي ۽ نواز ليگ ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون آهي هنن چيو ته حڪمرانن (ن) ليگ يوٿ ونگ جي صوبائي صدر راجا انصاري کي حراست ۾ وٺي ڏاڍ جو مظاهرو ڪندي زبردستي ٿر پارڪر ضلعو بدر ڪرايو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته انتقامي ڪاروايون بند ڪري غريب عوام جي مسئلن کي حل ڪري سندن آزار مان جند ڇڏرائي وڃي هنن چتاء ڏنو ته نواز ليگ ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪاروايون بند نه ٿيون ته هو حڪومت جي اهڙن روين خلاف سخت احتجاج ڪندا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button