اسلام آباد

حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

Kundiاسلام آباد : قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ موٿر قدم کڻي رهي آهي، خاص طور تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ سٺا قدم کنيا ويا آهن ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن (پيسڪو) برگيڊيئر (ر) طارق سدوزئي پاران ڏنل بريفنگ جي صدارت ڪندي ڪيو، بريفنگ جي دوران اڳوڻي گهرو وزير آفتاب احمد خان شيرپائو، ايم پي اي نصير خان، خيبرپختونخواه جي صوبائي اسيمبلي ۽ ڊي آءِ خان مان آيل ڏاها موجود هئا. چيف ايگزيڪيٽو آفيسر پيسڪو برگيڊيئر (ر) طارق سدوزئي ڊي آءِ خان ۾ موجود بجلي جي صورتحال ۾ گهٽ وولٽيج جي خاتمي جي باري ۾ مڪمل بريفنگ ڏني، فيصل ڪريم ڪنڊي لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڏنيون ته علائقي جي ان سنگين ۽ ڳنڀير مسئلي جي حل لاءِ جلد کان جلد قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته ڊي آءِ خان جي ڪجهه علائقن ۾ بجلي جو وولٽ تمام گهٽ اچي ٿو ۽ انهن ٽرانسفارمر کي اپ گريڊ ڪرڻ ضروري آهي
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button