حڪومت بينظير انڪم سپورٽ جي هڪ هزار واري رقم تحت غريب شريف عورتن کي پنڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، سيد اڪبر شاه راشدي
شهدادڪوٽ، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر سيد اڪبر شاه راشدي چيو آهي ته هنن هميشه فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان بنا ڪنهن فرق ، لوڀ ۽ لالچ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ، شهدادڪوٽ ۾ پارٽي جلسي کي خطاب ڪندي اڪبر شاه راشدي چيو ته پ پ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ جي هڪ هزار واري رقم تحت غريب شريف عورتن کي پنڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ، هن چيو ته عورتون اهڙي تذليل کان بچڻ لاء گھر ۾ شانائتي نموني سلائي ، ٽوپو ٽڳو ڪري پاڻ کي روزانو آفيسن جي درن تي وڃي هٿ ٽنگڻ کان بچائين ، هن چيو ته هُو پير سائين پاڳاري جا عقيدتمند آهن هنن ڪنهن سان دوڪو ، دولاب ۽ ٺڳي ناهي ڪئي ، ان موقعي تي کهاوڙ خاندان سان واسطو رکندڙ ناهيد واجد کهاوڙ فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو ، اڪبر شاه راشدي چيو ته هاڻ تبديلي اچڻي آ ۽ ماڻهون ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي تنگ ٿي ويا آهن ، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ماڻهون ساٿ ڏيئي مسلم ليگ فنڪشنل جي اميدوارن کي مٿي آڻين ته جيئن سندن بکن ، ڏکن کان جان ڇُٽي ۽ سندن مسئلا ڀلي ريت حل ٿين ، ان موقعي تي سيد ذوالفقار شاه ، عبدالوحيد بروهي ، احسان سومري ، منور مستوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ، جلسي ۾ عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ پڻ شرڪت ڪئي .