جيل انتظاميه جي تشدد ۾ پوليس مقابلي ۾ قيد ٿيل گمبٽ جو رهواسي فوت
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميه جي تشدد ۾ پوليس مقابلي ۾ قيد ٿيل گمبٽ جو رهواسي فوت. وارثن پاران گمبٽ پوليس ۽ جيل انتظاميه خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان. تفصيل موجب سينٽرل جيل خيرپور ۾ قيد چاليهه سالا محمد وارث ولد الهيار ڪليري فوت ٿي ويو. فوتي قيدي جو لاش سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو. جيڪي کيس پنهنجي ڳوٺ کهڙا لڳ ڳوٺ ڪليري کڻائي ويا. فوتي جي وارثن اعجاز ڪليري ٻڌايوته 28 جون تي ايس ايڇ او گمبٽ حقنواز لولائي بيگناهه محمد وارث ڪليري کي گرفتار ڪيو هو ۽ گرفتاري بعد کيس ڏهه ڏينهن گم ڪيو ويو ۽ ڏهن ڏينهن کان پوءِ پوليس ڪوڙي مقابلو جو ڪيس داخل ڪري چالان ڪري سينٽرل جيل خيرپور اماڻيو ويو. هنن چيوته جڏهن محمد وارث ڪليري کي چالان ڪيو ويو هو ته مٿس ايترو تشدد ٿيل هو جو هو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار هو. هنن چيوته محمد وارث اڳ ئي پوليس تشدد ۾ زخمي هو مٿان وري سينٽرل جيل خيرپور جي انتظاميه مٿس تشدد ڪيو جنهن جي ڪري هو فوت ٿي ويو. هنن چيوته جيڪڏهن محمد وارث ڪليري جو قتل ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ايس ايڇ او گمبٽ ۽ سينٽرل جيل خيرپور جي انتظاميه خلاف درخواست داخل ڪرائينداسين.