جيئي سنڌ قومي محاذ لاڙڪاڻو پاران ايس ايڇ او رحمت پور خلاف مظاھرو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)جيئي سنڌ قومي محاذ لاڙڪاڻو پاران ايس ايڇ او رحمت پور وحيد ابڙو خلاف لاڙڪاڻو ميڊيا فورم آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو مظاھرين ٽائرن کي باھھ ڏئي رائل روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ ڪيترائي ڪلاڪ بلاڪ ٿي وئي ان موقعي تي جسقم لاڙڪاڻي جي اڳواڻن اطھر سومرو، اشرف ڪلھوڙو ، عزيز شيخ ، نديم لاشاري اختيار عباسي ۽ ٻين مظاھري کي خطاب ڪندي چيوتھ رحمت پور ٿاڻي جو ايس ايڇ او وحيد ابڙو تلاشي بھاني پوليس جي اھلڪارن سان گڏ ماڻھن کي ڦرڻ ۾ مصروف عمل آھي جڏھن تھ لاڙڪاڻي جي شھرين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو پيو وڃي پر ضلعي انتظاميا لاپرواھي جو مظاھرو ڪندي خاموش تماشائي بڻيل آھي انھن وڌيڪ چيوتھ جيڪڏھن ايس ايڇ او رحمت پور وحيد ابڙو لٽ مار جو سلسلو بند نھ ڪيو تھ قومي شاھراھھ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو جسقم اڳواڻن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو تھ ايس ايڇ او رحمت پور وحيد ابڙو کي ھٽائي ڪري ڪنھن ايماندار ۽ فرض شناس ايس ايڇ او کي مقرر ڪيو وڃي.