مختصر خبرون

جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو

پير جو ڳوٺ (رپورٽر) رپڙي لڳ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪٻئي تي حملا، راڪيٽ لانچر فائرنگ، علائقي ۾ خوف هراس، رپورٽ موجب، رپڙي لڳ ڪچي جي علائقي ڳوٺ نور محمد جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي مرحوم گلاب جاگيراڻي ۽ نثار جاگيراڻي واري ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ ڇڪتاڻ ٻيهر تيز ٿي وئي آهي جنهن ۾ گذريل رات ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي مٿان حملا ڪري ڇتي فائرنگ ڪرڻ سان گڏ راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته راڪيٽ لانچر فائر ٿيڻ ڪري علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءَ پکڙجي، هوڏانهن مرحوم گلاب جاگيراڻي واري ڌر جي محمود جاگيراڻي ٻڌايو ته ڌاڙيل نثار جاگيراڻي واري ڌر بيگناهه اسانتي حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوڏانهن نثار جاگيراڻي واري ڌر جو چوڻ آهي ته اسان گلاب جاگيراڻي واري ڌر تي حملو نه ڪيو آهي بيگناهه اسانتي الزام مڙهيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي ڪنهن به وقت امڪاني رتوڇاڻ جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو، ياد رهي ته مرحوم گلاب جاگيراڻي ۽ نثار جاگيراڻي واري ڌرين ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان زمين جي مالڪي تان جيهڙو هلندڙ آهي جنهن ۾ گلاب جاگيراڻي ۽ علي شير جاگيراڻي مارجي ويا آهن ۽ علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button