تمر جي بچاءُ لاءِ ذميوار ڪير؟ حڪومتي ادارا/ اين جي اوز يا مقامي ماهيگير!
ايوب شان خاصخيلي
تمر جو وڻ درياءَ ۽ سمنڊ جي ميلاپ واري هنڌ سامونڊي ڪنارن يا ٻيٽن تي تمام گهڻي مقدار ۾ موجود هندا آهن، جڏهن ته درياءَ سنڌ جو پاڻي تمام گهڻي مقدار ۾ انڊس ڊيلٽا ڏانهن ايندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ تمر جي وڻن جا 8 قسم هوندا هئا، پر هاڻي صرف ٽي قسم جن ۾ ايزوفوريشيا، مايرسناشيا ۽ اويسنياشيا رهجي ويا آهن. انهيءَ تمر جي پاڙن ۾ هر قسم جي مڇي ۽ سانن جو ٻچو پلجي وڏو ٿئي ٿو، پوءِ کليل سمنڊ ڏي وڃي ٿو، جنهن سان ماهيگير نسل درسنل خوراڪ حاصل ڪندا رهن ٿا. انهيءَ کانسواءِ تمر تيز هوائن ۽ سونامي کي پڻ روڪي ٿو، جنهن ڪري ڪراچي اڄ تائين وڏي تباهي ۽ بربادي کان محفوظ رهي آهي. 129 ڪلوميٽرن جي ساحلي پٽي هڪ سيف گارڊ طور اسان کي بچائي رکيو آهي ۽ مڇين ۽ جهينگن جي نرسري جو ڪم ڏئي رهيا آهن. تمر جي وڏي پيماني تي واڍي ۽ لينڊ مافيا جيڪا مهاڻن جي روزگار جي آخري سهاري تمر کي وڍي زمين ٺاهي اربين رپيا ڪمائي پنهنجا ڀڀ ڀري رهيا آهن، پر انهن کي روڪڻ وارو ڪير به ڪونهي. حالانڪه ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پاڪستان نيوي، ڊي ايڇ اي، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو ٻيلو کاتو به تمر جي وڏي پيماني تي خاص طور ڪمرشل طور ڪٽڻ وارن کي پڪڙي قانون جي حوالي ڪرڻ جو ذميوار آهي ۽ ٻيا به مختلف ادارا پڻ تمر جي تحفظ، بقا ۽ پلانٽيشن جي نالي تي اربين رپيا هڙپ ڪري رهيا آهن، پر تمر کي بچائڻ لاءِ ڪو عملي قدم نه کنيو ويو آهي.
تمر جي وڏي پيماني تي واڍي ماهيگيرن جي بربادي کي دعوت ڏئي رهي آهي، انهيءَ سان مهاڻن جو روزگار ڏينهن ڏينهن گهٽ ٿي رهيو آهي، پر خود فاريسٽ آفيسر اهو تماشو ڏسي پنهنجا کيسا گرم ڪري سڪون سان ويٺا آهن ۽ تمر ڪٽيندڙن کي روڪڻ لاءِ چـُر پـُر نٿا ڪن. حالانڪه انهيءَ اکين ڏٺي تباهي جو حڪومت کي به ايمرجنسي طور نوٽيس وٺي مجرمن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي، پر الائي ڇو سڀني جي اکين تي پڙدو چڙهي ويو آهي. جنهن ماڻهوءَ قدرت جو حسين تحفو تمر جو وڻ ڏٺو آهي ۽ انهي جي اهميت کان خوب واقف آهي انهن کي تمر جي گلن جو هڳاءُ ڪڏهن به نه وسرندو. انهن وڻڻ جي ماکي پڻ دنيا جي لذيذ ۽ هزارين بيمارين جي شفا جو ڪارڻ ٿئي ٿي. تمر جو گاهه ۽ پن کائيندڙ چوپايو مال جو کير پڻ واهه جو گهاٽو ٿئي ٿو. ماهيگير ملاح خوب ڄاڻن ٿا ته جڏهن تيز هوا ۽ طوفان لڳن ٿا ته ڪيئن نه تمر جا ٻيلا انهن کي تحفظ ڏئي حياتي بچائن ٿا. تمر جو وڻ سائبيريا جي پرديسي پکين جو پڻ آستان آهي، هو سياري جي موسم ۾ هتي اچي پناهه وٺندا آهن، اها ٻئي ڳالهه ته شڪاري جي بندوق کان بچي نٿا سگهن ۽ واپس پنهنجي وطن ڏانهن زندهه نٿا وڃي سگهن.
تمر کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟:
1. فاريسٽ ڊپارٽمينٽ، ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم، ڊبليو ڊبليو ايف، آءِ يو سي اين، يو اين ڊي پي، فرينڊس آف انڊس ۽ ٻيا ادارا انهيءَ جي تحفظ جي ذميواري کڻن ۽ غير قانوني ڪٽائي کي روڪين.
2. پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ ٻيا ماحولياتي ادارا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ڄڻن تي ٻڌل هڪ موبلائزيشن گروپ ٺاهين جيڪو مقامي ڪميونٽي کي تمر جي اهميت کان آگاهه ڪري نون ڦٽل ٻوٽن ۽ ننڍن وڻن کي کائڻ کان اُٺن کي روڪيو وڃي.
3. حڪومتي ادارا تمر جي پائيداري ۽ ٻيهر پلانٽيشن لاءِ 25 سالا رٿا تيار ڪن.
4. سامونڊي ڪنارن ۽ ٻيٽن تان جتي تمر ختم ٿي ويو آهي انهيءَ هنڌ تمر جون نرسريون ٺاهين.
5. مينگروز ايريا ۾ آلودگي کي روڪڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.
6. شهر جي گٽر ۽ زهريلي مادن کي ٽريٽ ڪري پوءِ سمنڊ ۾ وهايو وڦڃي.
7. تمر جي روزگار لاءِ فائدي ۽ انهيءَ کي ڪاروباري طور ڪٽڻ جي نقصانن کان تمام ماڻهن کي آگاهه ڪيو وڃي.
8. هر قسم جي تيل کي سمنڊ ۾ وهائڻ کان روڪڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن. (اڳ به تسمان اسپرٽ جهاز جي تيل رسڻ سبب روزگار کي وڏو ڇيهو رسيو هو ۽ ماحولياتي تباهي آئي هئي).
9. بيداري/ سجاڳي مهم هلائي وڃي، جنهن ۾ اسڪولن/ ڪاليجن اندر پوسٽر، ڊرائينگ، تقريري مقابلا ڪرايا وڃن.
10. تمر کي بچائڻ لاءِ ڪميونٽي اسٽريٽ ٿيٽر ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا وڃن.
11. تمر جي تباهي ۾ حصو وٺندڙ مقامي ماڻهن لاءِ راڄوڻي اخلاقي سزا تجويز ڪري انهيءَ جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
12. تمر ڪٽيندڙ گروهه/ مقامي ماڻهن جا فوٽا ۽ نالا علائقي جي چونڪن تي لڳائي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ انهيءَ تي لکيو وڃي ته ”هي ماڻهو جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن جا ويري آهن“ اچو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي 1050 ڪلوميٽر جي ساحلي پٽي تي آباد تمر جي وڻن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، ڇو ته ماهيگيرن جي زندگي ۽ تمر جا ٻيلا لازم ۽ ملزوم آهن، اچو ته تمر لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙ پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچي جي شهيدن عبدالغني ۽ حاجي ابوبڪر ۽ مائيڪرونشيا جي هي هائو ڊينئل نانوتو جي روح کي وڌيڪ سڪون ڏيڻ لاءِ اسان به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون.
13. تمر جي ڪاٺ کي بوائلر جو ٻارڻ، فروٽ جا کوکا، ماچس جون تيليون، فرنيچر ۽ ٻيو تجارتي استعمال لاءِ ايڪشن کنيو وڃي.
14. آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر ايئن نه مرنداسين ساٿي،
15. ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين!