ترقي پسند هاري سنگت پاران شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف م احتجاجي مظاهرو
شهدادڪوٽ ۾ ترقي پسند هاري سنگت پاران علائقي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي سخت اڻاٺ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ غلام علي مگسي ، شبير مگسي ، نديم کرل ، انور مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر روڊ تي مستوئي شاخ جي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائر ساڙي ۽ رڪاوٽون وجھي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته علائقي جي مستوئي شاخ ، ڪورڏاتو ، ٽانوري شاخ سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جنهن ڪري آبادگار ٻيجارو به نه پوکي سگھيا آهن ، جڏهن ته ڪيترن ئي آبادگارن جو پوکيل ٻيجارو پاڻي نه هئڻ سبب سڙي رهيو آهي ، فصل ته ٺهيو پر پاڻي نه هئڻ سبب جانور به اڃ وگھي مري رهيا آهن ، هنن چيو ته ان سلسلي ۾ سخت احتجاج ڪيا ويا پر آبپاشي عملدار آفيسن ۾ ويهڻ بدران گھرن ۾ سڪون جي ننڊ ستل آهن ، هنن ڄاڻايل شآخن ۾ فوري طور پاڻي ڇڏي ، هتان جي آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي گھر ڪندي ٻي صورت ۾ آبپاشي عملدارن خلاف سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آهي .