ٽنڊو محمد خان

بگهاڙ واهه جو دڪو ٽوڙڻ خلاف علائقي ۾ ڇڪتاڻ

رپورٽ: فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان
Canal breachedميران پور شاخ جي بگهاڙ واهه جو دڪو ٽوڙڻ خلاف مظاهرو، علائقي ۾ ڇڪتاڻ، ڌريون مورچا بند، تفصيل موجب ٽنڊو محمد خان جي شاهه ڪريم بلڙي تعلقي جي ميران پور شاخ مان نڪرندڙ بگهاڙ واهه جي آر ڊي 09 تي آبپاشي کاتي پاران ٺاهيل دڪو هٿياربندن چڙهائي ڪري ٽوڙي ڇڏيو اطلاع تي تر جي آبادگارن حاجي خميسو جهرڪو، يوسف جهرڪو ، نبو سونارو جي اڳواڻي ۾ درجنين آبادگارن ۽ هارين احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين اڳيان دانهيو ته حڪمران ڌر سان تعلق رکندڙ بااثر زميندارن گل حسن جماري ۽ گل شير جماري پنهنجا هٿياربند وٺي زبردستي آرڊي 09 جو دڪو ٽوڙائي پاڻي هيٺ وهائي ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان جي زمينن تي پاڻي نه پيو چڙهي، هنن چيو ته آبپاشي عملدارن جي لسٽ موجب 09 فوٽ جو دڪو منظور ٿيل آهي جنهن کي هٿياربندن ڊاهي 20 فوٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب بگهاڙ واهه جي مٿين پاسي وارا ننڍڙا آبادگار پنهنجي حق کان محروم ٿي ويا آهن ۽ اسان سارين جو فصل نه پيا پوکي سگهون، هنن مطالبو ڪيو ته دڪو ٽوڙيندڙ هٿياربندن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ واپس 09 فوٽ جو دڪو ٺاهيو وڃي. هوڏانهن دڪو ٽوڙڻ خلاف ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ۽ ٻنهي ڌرين پاران هٿياربند گڏ ڪيا پيا وڃن جنهن سبب علائقي ۾ سخت خوف حراس چانيل آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button