بهبود آبادي ڏينھن واري ڏينھن تي خيرپور ۾ واڪ جو اھتمام 11 جولاءِ تي
خيرپور: هر سال11 جولاءِ تي آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ حڪومت جي بهبود آبادي واري کاتي پاران صوبي اندر پڻ هر سال 11 جولاءِ تي آبادي جو عالمي ڏينهن طور تي ملهايو ويندو آهي ان سلسلي ۾ بهبود آبادي واري کاتي خيرپور جي ضلعي آفيسر قربان علي ڀيو ڄاڻايو آهي ته هن سال به 11 جولاءِ تي “ آبادي جي عالمي ڏينهن ” جي موقعي تي بهبود آبادي کاتي خيرپور آفيس پاران هڪ آگاهي واڪ جو بندو بست ڪيو ويو آهي جيڪا 11 جولاءِ تي صبح جو 9 وڳي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه ۽ اِي ڊي او هليٿ ڊاڪٽر ڪئپٽن احسان الله سيال جي سربراهي ۾ سوڪ سينٽر خيرپور کان ليڊ ولنگٽن اسپتال خيرپور تائين ڪڍي ويندي. جڏهن ته هن سال آبادي جي عالمي ڏينهن “ توليدي صحت جي سهولت ڏانهن عالمي رسائي” Universal Access to Reproductive Health Service جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي.