ٽنڊو محمد خان

بنيادي انساني صحت کي برقرار رکڻ ۾ پرائيويٽ ڊاڪٽرن جو اهم ڪردار آهي، صدر ڊاڪٽر عزيز خان ٽانڪ

رپورٽ: فهيم ڀٽي ، ٽنڊو محمد خان
TM private clinicسنڌ پرائيويٽ هاسپيٽلس اينڊ ڪلينڪس ويلفيئر ايسوسيئشن (ايس پي ايڇ سي اي) جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عزيز خان ٽانڪ چيو آهي ته بنيادي انساني صحت کي برقرار رکڻ ۾ پرائيويٽ ڊاڪٽرن جو اهم ڪردار آهي سندن خدمت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي بيمارين بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ علاج جي طريقن جي حوالي سان منعقد ڪيل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڊاڪٽر مريضن جو علاج عبادت سمجهي ڪن ۽ علاج ڪرڻ وقت هو پنهنجي فيسز کي ڌيان نه ڏين ۽ صرف ۽ صرف انساني زندگي بچائڻ جي جدوجهد ڪن ، ورڪشاپ کي نمرا جي ڪينسر اسپيشلسٽ ڊاڪتر عمر دراز شيخ ڪينسر جو سبب بڻجندڙ مين پڙي، سگريٽ، گهٽڪو ، سوپاري ۽ ٻين نقصانڪار شين بابت ڄاڻ ڏني، جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالرب شيخ ۽ ڊاڪٽر شهلا نسيم مختلف بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي ڏني. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر غفور شورو چيو ته پرائيويٽ اسپتالن جي ڊاڪٽرن جي تنظيم ٺاهڻ جو مقصد ڊاڪٽرن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي ۽ خدمت عيوض سندن وقار ۽ عزت برقرار رکڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آهي هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ 20 هزار کان مٿي اسپتالون ۽ ڪلينڪس آهن جن جو ڊاڪٽرن ۾ رابطو نه هئڻ سبب سندن حق تلفي ٿي رهي هئي پر هاڻي ڊاڪٽرن جو مضبوط پليٽ فارم موجود آهي ورڪشاپ کي ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ، ڊاڪٽر لطف ٽالپر ، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، ڊاڪٽر جي ايم گل ، ڊاڪٽر عنايت شورو، ڊاڪٽر سريش ڪمار ، ڊاڪٽر شبير ميمڻ، ڊاڪٽر نثار شيدي، ڊاڪٽر پهلاج مل، ڊاڪٽر اڪرام غوري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button